اسلا?? آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا ۾ ٻوڏ جي تباهين تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ڏک جي ان گهڙيءَ ۾ ملائيشيا جي عوام سان گڏ آهيون، پاڪستان ملائيشيا ۾ مصيبت ۾ ورتل پنهنجي ڀينرن ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪ??دو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم ۽ ملائيشيا جي عوام سان دلي اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم هزارين متاثر ماڻهن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا پراڻا دو??ت ۽ ڀائر ملڪ آهن. ملائيشيا جو وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم پاڪستان جو دوست آهي، مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان انهن کي اڪيلو نه ڇڏي??دو. وزيراعظم چيو ته ڏک جي گهڙيءَ ۾ ملائيشيا جي عوام سان جيتري قدر ٿيو پاڪستان مصيبت ۾ ورتل پنهنجي ڀينرن ڀائرن جي مدد ڪ??دو. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تبديلي جا موثر اثر سڄي دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي رهيا آهن. ماحولياتي تبديلي کي روڪڻ جي لاءِ سڄي دنيا کي گڏجي قدم کڻڻا پوندا.
وزيراعظم پاران ملائيشيا ۾ ٻوڏ جي تباهين تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش