اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) توانائي (پاور ڊويزن) واري ??فاقي وزير سردار اويس احمد خان سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين جي سربراهيءَ ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار تي ڳالهيون ٿيون. ڪالهه ٿيل ملاقات ۾ وفاقي وزير پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ اي ڊي بي جي ڪردار جي تعريف ڪئي. هن چيو ته اسان پي پي ايم سي ۾ هڪ ٽيم تيار ڪري رهيا آهيون جيڪا پاور ڊويزن کي پاليسي رهنمائي فراهم ڪندي، اي ڊي بي جي سهڪار سان صحيح ڪم ڪرڻ لاءِ صحيح ماڻهن جي مقرري ??مڪن ٿي سگهندي. اويس لغاري چيو ته ڊسڪوز جي نجڪاري کان اڳ ان کي بهتر پوزيشن ۾ آڻڻ لاءِ اسان جي ترقياتي ڀائيوارن طرفان ان ۾ سيڙپڪاريءَ ??ي ضرورت آهي. اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين چيو ته بئنڪ جي سيڙپڪاريءَ ??و وڏو حصو توانائي جي شعبي جي مختلف منصوبن خاص ط??ر تي ٽرانسميشن انفراسٽرڪچر تي ٻڌل آهي. ايمافين چيو ته توانائي جو شعبو پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ ماڻهن جي زندگين ۾ مُک ڪردار ادا ڪري ??و، اي ڊي بي پاڪستان ۾ نجي شعبي جي ترقي، موسمياتي تبديلي ۽ گورننس کي بهتر بنائڻ لاءِ مختلف رٿائن تي ڪم ڪري رهيو آهي. ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته اي ڊي بي پاڪستان جي توانائي جي شعبي جي پائيداري، جديديت ۽ ڪارڪردگي وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. پاور ڊويزن طرفان جاري ??ڌرائيءَ موجب پاڪستان ۽ اي ڊي بي ماضيءَ وانگر مستقبل ۾ به گڏيل صلاح مشوري سان توانائيءَ ??ي شعبي جي ترقي ۽ ٻين اهم منصوبن تي سهڪار جاري رکندا.
توانائي واري وفاقي وزير سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي سربراهيءَ ۾ وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات