اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي وزيراعظم پاران 11 سالن کا?? پوءِ شنگهائي سهڪار تنظيم جي ??وق??ي تي پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي هڪ اهم علامت آهي، اهو دورو پاڪستان ۽ چين جي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيندو ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌائڻ جو ??وق??و فراهم ڪندو. پلاننگ ڪميشن جي اختيارين مطابق چين جو وزيراعظم 11 سالن کا?? پوءِ پاڪستان جو دورو ڪندو ۽ پاڪستان چين وچ ۾ گڏيل لاڳاپن تي ڳالهيون ڪندو. ان کا?? اڳ چين جي وزيراعظم 2013ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو هو. ان دوري دوران ڪيترن ئي اهم معاملن تي ڳالهيون، اقتصادي سهڪار ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت جاري منصوبن جو جائزو ورتو ويندو. واپار ۽ سيڙپڪاري واپاري لاڳاپن کي اڃا به اڳتي وڌائڻ ۽ چين طرفان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا نوان ??وق??ا پيدا ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون وينديون ته جيئن ٻنهي معيشتن کي فائدو پهچي. تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي شعبن ۾ به سهڪار وڌائڻ جا معاهدا پڻ متوقع آهن، جيڪي عوامي سطح تي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. چين جي وزيراعظم جو اهو دورو بنهي ملڪن وچ ۾ پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي هڪ نئين جدت ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو هڪ اهم ??وق??و آهي.
ايس سي او جي موقعي تي چين جي وزيراعظم پاران پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي اهم علامت آهي: پلاننگ ڪميشن
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج