اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمب??، سنڌ جو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ شامل هئا. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ عطاءُ الله تارڙ پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ اهم قومي ۽ سياسي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ گذريل ڏينهن آل پارٽيز ڪانفرنس ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام جي حوالي سان صدر آصف علي زرداري جي ڪردار کي ساراهيو ويو. ملاقات ۾ فلسطيني?? جي پاڪستان پاران امداد جي لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ جي حوالي سان پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ فلسطيني?? جي امداد جي لاءِ گهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سمورين سياسي پارٽي?? جي شموليت کي ساراهيندي ان کي خوش آئنده قرار ڏنو ويو، پوري پاڪستاني قوم اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار پنهنجي معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائر?? جي مدد جي لاءِ متحد آهي.
وزيراعظم سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : گرم گرم