اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري کي پاڪ – ملائيشيا لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جي شروعات قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي ملائيشيا سان وا??ار جي فروغ سان ملڪي روانگي وا??ار ۾ اضافو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، اسان ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن تي دل سان ٿورائتا آهيون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملائيشيا جو وزيراعظم انور ابراهيم پنهنجو پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري ملائيشيا روانو ٿي ??يو. وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ وا??ار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم ۽ سندس وفد کي نور خان ايئربيس تي الوداع ڪيو. ان موقعي تي ملائيشيا جي وزيراعظم کي سندس ٽن ڏينهن جي دوري جي تصويرن تي ٻڌل البم پڻ پيش ڪيو ??يو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، ملائيشيا جي وزيراعظم سان پاڪ – ملائيشيا لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي تي اتفاق ٿيو. هن چيو ته ملائيشيا جو وزيراعظم علامه اقبال جو مداح آهي جيڪا پاڪستان جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي لاءِ سٺن لفظن ?? نيڪ خواهشن تي دل سان ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته پاڪ ملائيشيا بزنس فورم ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وا??ار جي فروغ تي مثبت اڳڀرائي ٿي، پاڪستان جي ملائيشيا سان وا??ار جي فروغ سان ملڪي روانگي وا??ار ۾ اضافو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو پاڪ – ملائيشيا لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جي شروعات ثابت ٿيندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وا??ار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن جي مٽاسٽا ٿي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سان ملائيشيا کي پراسيسڊ گوشت ۽ چانور جي برآمدات ۾ اضا??ي ۽ طريقيڪار کي آسان بڻايو ويندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون ۽ اليڪٽرڪ گاڏين جي تياري ۽ وا??ار ۾ اضافي تي پڻ اتفاق ٿيو. دوري دوران ملائيشيا جي وزيراعظم جي وزيراعظ?? شهباز شريف سان وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ??يو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پاڪستان – ملائيشيا بزنس فورم ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ملائيشيا جي وزيراعظم کي صدر پاران نشان پاڪستان پڻ نوازيو ??يو.
ملائيشيا جي وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو پاڪ – ملائيشيا لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جي شروعات آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس