اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اس??مبليءَ جي اس??يڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت جا وسيع موقعا موجود آهن جن کي ڪتب آڻي ملڪي معيشت کي مستحڪم بڻائڻ سان گڏوگڏ ثقافتي مٽاسٽا کي ??ه هٿي ڏئي سگهجي ٿي، سياحت نه رڳو معيشت کي هٿي وٺرائي ٿي پر مختلف ثقافتن وچ ۾ هم آهنگي ۽ سهڪار کي ??ه مضبوطي ڏيڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. پاڪستان جو تاريخي، ثقافتي ورثو ۽ قدرتي حسن سڄي ملڪ جي سياحن لاءِ گهري دلچسپيءَ جو سبب آهي، سياحت جي ترقي سان نه صرف معيشت مستحڪم ٿيندي پر پاڪستان جي عالمي سطح تي مثبت سُڃاڻپ اجاگر ٿيندي، ثقافتي مٽاسٽا کي هٿي ملندي ۽ هڪ بهتر ۽ پُرامن مستقبل لاءِ راهون هموار ٿينديون. اس??يڪر اهڙن خيالن جو اظهار سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو هر سال 27 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي انتظام هيٺ سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي. اس??يڪر پاڪستان جي اس??ريٽجڪ اهميت تي روشني وجهندي چيو ته پاڪستان مذهبي ۽ ثقافتي سياحت جي حوالي سان هڪ مُک حيثيت رکندڙ ملڪ آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت مختلف مذهبن جي مڃيندڙن کي پاڪستان ۾ سندن تاريخي ۽ مذهبي ماڳن تي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. اس??يڪر وڌيڪ چيو ته مختلف مذهبن جي زائرين لاءِ ويزا جي خدمتن کي ??سان بڻايو پيو وڃي ۽ ان جي سفر کي ??سان ۽ خوشگوار بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن جيڪي مذهبي هم آهنگي ۽ بين المذاهب احترام لاءِ اسان جي وابستگي جو مظهر آهن. هن وادي ڪيلاش جي منفرد ثقافت ۽ گنڌارا تهذيب جي ورثي جو ذڪر به ڪيو جيڪو سڄي دنيا جي سياحن کي پنهنجي طرف مائل ڪري ٿو. اس??يڪر چيو ته حڪومت سياحت ذريعي بين المذاهب هم آهنگي، سماجي ۽ ثقافتي رڪاوٽن جي خاتمي ۽ خطي جي گڏيل ورثي جي تحفظ ۽ ان کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. اس??يڪر پاڪستان جي وڻندڙ قدرتي من??رن جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان جا اُتريان علائقا، حسين واديون، برف سان ڍڪيل پهاڙ، گليشيئرز، صاف پاڻي جا ذخيرا، وسيع ريگستان ۽ خوبصورت سامونڊي پٽي سياحن لاءِ جنت کان گهٽ ناهي. اس??يڪر، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ٻين اس??يڪ هولڊرز کي ??ياحت کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان گڏجي ڀرپور ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اس??يڪر سياحت کي هٿي ڏيڻ جي اهميت کي ??جاگر ڪندي چيو ته ان سان روزگار جي موقعن ۾ واڌ ٿيندي ۽ مقامي ماڻهن جي پائيدار ترقي ممڪن ٿيندي، پاڪستان جي ثقافتي ورثي کي هٿي ملندي ۽ ملڪي معيشت کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي ٿو.
پاڪستان جو تاريخي، ثقافتي ورثو ۽ قدرتي حسن سڄي دنيا جي سياحن لاءِ وڏي دلچسپيءَ جو سبب آهي: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena