ل??ڊن -22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جلسن بدران عوام جي م??اش?? حالت بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته انتشاري سياست رد ڪري عوام م??اش?? پاليسين ۾ بهتري کي ترجيح ڏني آهي، گارگند، انتشار ۽ فساد سان نه ئي معيشت بهتر ٿيندي ۽ نه ئي معاشرو، هر صوبو ۽ هر ادارو عوام جي مسئلن جي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙو اظهار هن ملڪ جي سياسي ۽ م??اش?? صورتحال تي پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پڌرائي مطابق وزيراعظم چيو ته انتشاري سياست کي رد ڪري عوام م??اش?? پاليسين ۾ بهتري کي ترجيح ڏني آهي، عوام مهانگائي ۾ گهٽتائي، پنهنجي مسئلن جو حل ۽ م??اش?? بهتري چاهي ٿو، جلسن لاءِ ميدان ڀرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران عوام جي م??اش?? حالت بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته جلسا 2028ع ۾ ڪنداسين، هاڻي عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ ??اءِ محنت ڪرڻ جو وقت آهي، م??اش?? بحالي سياسي استحڪام سان ڳنڍيل آهي، سياسي انتشار جو مطلب عوام کي رليف ڏيڻ جي عمل کي متاثر ڪرڻ آهي. هن چيو ته عوام سياسي استحڪام ۾ ڪردار ادا ڪري، م??اش?? ترقي جي حمايت ڪئي آهي، سياسي استحڪام لاءِ قوم جو اتحاد پاڪستان جي روشن م??اش?? مستقبل ۽ مهانگائي کان نجات جي ضمانت ثابت ٿيندو. هن چيو ته م??اش?? چئلينجز، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ سڄي قوم، سياسي پارٽيون، ادارا ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. سياسي افراتفري ۾ قوم ۽ ملڪ جو ڪيترو ئي وقت ضايع ٿي چڪو آهي، وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ ??لڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ ناهي، هن چيو ته وفاق سڀني صوبن سان گڏجي عوامي مسئلن جي حل، مهانگائي ۾ گهٽتائي، مساوي ترقي لاءِ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي پاليسي تي ڪاربند رهندو. الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته مهانگائي سنگل ڊجٽ ۾ واپس آئي آهي، م??اش?? حالتون بهتر ٿي رهيون آهن. روانگي واپار ۾ اضافو، روپئي جو مستحڪم ٿيڻ، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو، وياج جي شرح گهٽجڻ. اهي سڀئي م??اش?? ترقي جا واضح ثبوت آهن. وزيراعظم چيو ته اسان سڀني جو اصل هدف اهو هجڻ گهرجي ته هي آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هجي ۽ اها ئي اصل ڪاميابي هوندي.
انتشاري سياست رد ڪري عوام معاشي پاليسين ۾ بهتري کي ترجيح ڏني آهي، گارگند، انتشار ۽ فساد سان نه ئي معيشت بهتر ٿيندي ۽ نه ئي معاشرو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ