اسلام آباد-19 سيپٽمبر(اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ سياحت جو عالمي ڏهاڙو 27 سيپٽمبر تي ملهايو ويندو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد سياحت کي هٿي وٺرائڻ، ??ون سياحتي ماڳن جي ڳولا، قديمي آثارن کي محفوظ بڻائڻ، ڏيهي ۽ پرڏيهي سياحن جي دلچسپي جي امڪانن ۾ اضافو، سياحن جو تحفظ، سياحتي علائقن ۾ وڌ کان وڌ سهولتن جي فراهمي ۽ نون سياحتي ماڳن تائين پهچ سميت مختلف لاڳاپ??ل معاملن ??ي هٿي وٺرائڻ آهي. ان موقعي تي سياحت کاتي سميت سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي حصيداري سان مختلف پروگرام منعقد ڪيا ويندا، جن ۾ سياحت جي اهميت تي روشني وڌي ويندي.جڏهن ته اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا پارا?? پڻ خاص پروگرام نشر ۽ مواد شايع ڪيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II