اسلام آباد-31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته نوجوان جي توانائين کي مثبت رخ ۾ ڪتب آڻڻ لاءِ را??دي?? جا موقعا فراهم ڪري رهيا آهن، پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان ملڪ جي روشن مستقبل جا ضامن آهن، نوجوان را??دي?? جي ميدان ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو ر??شن ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم سان ڊيره اسماعيل خان سان تعلق رکندڙ ۽ ويجهڙ ۾ گينز بڪ آف ورلڊ جو رڪارڊ قائم ڪندڙ پنج سالن جي سفيان محسود ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سفيان محسود ننڍي عمر ۾ گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ٺاهي پاڪستان ۽ پنهنجي والدين جو نالو ر??شن ڪيو. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد ۽ لاڳاپيل عملدارن کي نوجوانن کي را??دي?? جون وڌيڪ سرگرميون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آ??ي ته نوجوانن جي توانائين کي ڪتب آڻڻ لاءِ را??دي?? جا موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون، پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان ملڪ جي روشن مستقبل جا ضامن آهن، نوجوان را??دي?? جي ميدان ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو ر??شن ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي سفيان محسود چيو ته مستقبل ۾ سائنسدان بڻجي پاڪستان جو نالو ر??شن ڪندس، وزيراعظم سفيان محسود سان سندس مادري ٻولي پشتو ۾ ڳالهايو. وزيراعظم سفيان محسود جي والد عرفان محسود سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪو 100 کان وڌيڪ گنيز بڪ آف ورلڊ رڪار?? هولڊر آهي. مارشل آرٽس ۾ مهارت رکي ٿو ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ ان حوالي سان تربيتي اڪيڊمي هلائي رهيو آهي. سفيان محسود جي والد عرفان محسود وزيراعظم کي ڊيره اسماعيل خان ۾ را??دي?? ۽ جسماني تربيت جي پنهنجي اڪيڊمي ۽ ان جي تربيت يافته رانديگرن جي ڪاميابين جي حوالي سان آگاهه. وزيراعظم يوٿ پروگرام کي سفيان محسود جي والد جي ڊيره اسماعيل خان ۾ را??دي?? جي اڪيڊمي سان حصيداري جي هدايت ڪندي چيو ته يوٿ پروگرام سڄي ملڪ ۾ مختلف را??دي?? کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کنيا آهن. ملاقات ۾ سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا تارڙ، آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، راڻا مشهود احمد ۽ رومينه خورشيد عالم ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار به شريڪ هئا.
وزيراعظم سان گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ قائم ڪندڙ پنجن سالن جي سفيان محسود جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات