اسلام آ??اد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان کي ٻيهر م??اش?? قوت بڻائڻ اسان جو هدف آهي، نوجوان تعليم، هنرمندي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا، پاڪستان جا نوجوان بي پناهه صلاحيتن سان مالامال آهن، ملڪ جي نوجوانن ۾ مثبت تبديلي جو سبب بڻجڻ جي اهليت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوٿ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته تعليم هر ٻار ۽ نوجوان جو حق آهي، تعليم سان ملڪ جو مستقبل روشن ٿيندو. نائب وز??راعظم چيو ته سڀني ٻارن کي چوندس ته سکڻ جي عمل کي سدائين جاري رکن. تخليق ۽ تعليم جي امتياز کي اختيار ڪر?? ترقي جا نوان رستا ڳولين. هن چيو ته اتحاد ۾ اسان جو مستقبل آهي، نفرت کي دفن ڪري ڇڏڻ گهرجي. نائب وز??راعظم چيو ته بلوچستان جي دوري دوران ٻڌايو ويو ته ڪجهه بلوچ ناراض آهن، آئون چوان ٿو ته ڪو به پنهنجي ڌرتي ماءُ کان ناراض نه ٿو ٿي سگهي، پنهنجي مسئلن جو حل گڏجي ڳولين. جيتوڻيڪ ناراضگي جي نالي تي دهشتگردي جي ڪا به گنجائش نه آهي. محمد اسحاق ڊار چيو ته نوجوان نسل محنت کي پنهنج?? ترجيح بڻائين، حڪومت نوجوانن کي ڪيتريون ئي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل جي قيام جو مقصد نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ به آهي. نوجوان تعليم، هنرمندي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا. هن چيو ته ترقي ۽ خوشحالي جي عهد ۾ نوجوان حصيدار آهن. نائب وز??راعظم چيو ته 1998ع ۾ پاڪستان ائٽمي قوت بڻيو، اسان پنهنجي دفاع تي ڪڏهن به ٺاهه ناهي ڪيو. قومي مفاد اسان جي سڀ کان پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته اسان کي بي پناهه چئلينجز درپيش آهن، پاڪستان جو مستقبل اڄ جي نوجوانن جي هٿ ۾ آهي. 2013ع جي حڪومت ۾ پاڪستان کي ڪٿان کان ڪٿي پهچايو، ان وقت پاڪستان بابت ڊيفالٽ جو چيو ويو پر پاڪستان دنيا جي اڀرندڙ معيشت بڻيو. محمد اسحاق ڊار چيو ته پي ڊي ايم حڪومت پاڪستان کي بچائڻ جي لاءِ هئي، اسان جا دشمن چاهين ٿا ته پاڪستان کي م??اش?? طور تي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان کي ٻيهر م??اش?? قوت بڻائڻ اسان جو هدف آهي.
پاڪستان کي ٻيهر معاشي قوت بڻائڻ اسان جو هدف آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون