اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) نائ?? وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ مزار حضرت امام بري رحه ڪمپليڪس جي ترقي ۽ انتظام ۽ انصرام ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. مئنيجمينٽ ڪميٽي حضرت بري امام رحه جي سالياني عرس جي انتظامن جو جائزو ورتو. 14 آگسٽ تي چادر پوشي جڏهن ته حضرت بري امام رحه جو ساليانو عرس 15 کان 17 آگسٽ تي ٿيندو. نائ?? وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير عرس جي موقعي تي سيڪيورٽي جي انتهائي غيرمعمولي انتظامن جي هدايت ڪئي. هن انتظاميا ۽ سي ڊي اي کي زائرين کي شٽل سروس فراهم ڪرڻ ۽ زائرين جي سهولت جي ڏس ۾ ٿرڊ ايونيو کان متباد?? روڊ جي تياري يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نائ?? وزيراعظم چيو ته ملڪ جي مختلف علائقن ۽ سڄي دنيا مان عرس جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ زائرين کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن هدايت ڪئي ته عرس ۾ شرڪت ڪندڙ عورت زائرين جي لاءِ مزار حضرت بري امام رحه ڪمپليڪس ۾ خصوصي انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اهو ته تقريبن دوران زائرين کي ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف نه ٿي?? گهرجي. اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبر خادم درگاهه بري امام راجه سرفراز اڪرم، محسن رضا نقوي ۽ س??يل اقبال ڀٽي پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيف ڪمشنر اسلام آباد، سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا، ڊپٽي ڪمشنر عرفان ميمڻ کانسواءِ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ مزار حضرت امام بري رحه ڪمپليڪس جي ترقي ۽ انتظام ۽ انصرام ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت