اسلام آباد -08 جولاءِ (اي پي پي)نامياري سماجي ڪارڪن عبدالستار اي??ي جي ورسي گذريل ڏينهن ملهائي وئي. عبدالستار اي??ي 28 فيبروري 1928ع ۾ ڀارت جي رياست گجرات جي شهر بانٽوا ۾ جنم ورتو. هن 11 سالن جي عمر ۾ پنهنجي والده جي سار سنڀال جو ڪم سنڀاليو جيڪ?? شگر ۾ مبتلا هئي، ننڍي عمر ۾ ئي هن پاڻ کان پهرين ٻين جي مدد ڪرڻ سکي ورتو هو جيڪو سندس لاءِ ڪاميابي جي ڪنجي ثابت ٿيو. 1947ع ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ سندس خاندان ڀارت مان هجرت ڪري پاڪستان منتقل ٿيو ۽ ڪراچي ۾ آباد ٿيو. عبدالستار اي??ي سماجي خدمت لاءِ اي??ي فائونڊيشن جو بنياد رکيو ۽ اي??ي ايمبولينس کي سموري دنيا ۾ نجي شعبي جي سڀ کان وڏي ايمبولينس سروسز جو اعزاز مليو. 16 آگسٽ 2006ع تي بلقيس اي??ي ۽ ڪبريٰ اي??ي پاران اي??ي انٽرنيشنل ايمبولينس فائونڊيشن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. جنهن تحت د??يا جا امير يا غريب هجن ??ا دنيا جو ڪو به ملڪ آمريڪا، برطانيه، اسرائيل، شام، ايران، ڀارت، بنگلاديش هجي ان ۾ اها ايمبولينس عطئي طور ڏني پئي وئي. انسانيت جي فلاح ۽ بهبود ۽ امداد جي خدمتن جي اعتراف ۾ عبدالستار اي??ي کي ڪيترن ئي قومي ۽ عالمي اعزازن سان به نوازيو ويو جن ۾ 1988ع ۾ ڏنل وال لينن امن انعام شامل آهي. 1989ع ۾ کيس پاڪستان حڪومت طرفان نشان امتياز به ڏنو ويو. 8 جولاءِ 2016ع تي رات جو 11 وڳي بڪين (گڙدن) جي ڪم ڇڏي ڏيڻ سبب عبدالستار اي??ي 88 سالن جي عمر ۾ و??ات ڪري ويو. کيس ڪراچي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. هن و??ات کان پهرين اها وصيت ڪئي هئي ته سندس ٻئي اکيون ضرورتمندن کي عطئي طور ڏنيون وڃن. سندس ورسي جي موقعي تي سرڪاري، نجي ۽ فلاحي تنظيمن جي انتظام هيٺ مختلف تقريبن ۾ عبدالستار اي??ي جي خدمتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.
نامياري سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي جي ورسي ملهائي وئي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں