اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) ال??ڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 855 تڪن جي چونڊ نتيجن جي تيزيءَ سان پهچ لاءِ جديد ٽ??ڪن??لاجي ۽ اوزارن سان ليس ”اليڪشن سٽي“ قائم ڪيو آهي، ڪنهن به خرابيءَ جي صورت ۾ متبادل ويب س??ئٽ به تيار ڪئي وئي آهي. ال??ڪشن ڪميشن ۾ آءِ ٽي ڊائريڪٽر محمد خضر عزيز ميڊيا کي ٻُڌايو ته ال??ڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ اندر جديد ٽ??ڪن??لاجيءَ سان ليس ”اليڪشن سٽي“ قائم ڪيو آهي جنهن سان ميڊيا کي 855 تڪن جا نتيجا بنا رڪاوٽ ۽ فوري جاري ڪري سگهبا. هن ٻُڌايو ته واٽس ايپ، اِي ميل ۽ فيڪس ذريعي چونڊ نتيجن جي وصولي جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. ال??ڪشن ڪميشن بنا ڪنهن رڪاوٽ جي نتيجن جي پهچ کي يقيني بنائڻ لاءِ متبادل ويب س??ئٽ به ٺاهي آهي. هن ٻُڌايو ته ال??ڪشن مئنجمينٽ سسٽم انٽرنيٽ جي عدم دستيابيءَ تي ڪم ڪن??و، اهو سسٽم اهڙن علائقن جتي ڪنڪٽيوٽي جا مسئلا آهن اتي سيٽلائيٽ ڪميونيڪشن سان ڳنڍيو ويو آهي. هن ٻُڌايو ته اي ايم ايس ٻن حصن تي ٻَڌل آهي جنهن ۾ شروعاتي طور تي پرزائيڊنگ آفيسر طرفان نتيجا فوٽو ذريعا ورتا ويندا جيڪو فارم 45 لاءِ آر او کي موڪليو وين??و، جيڪڏهن ڪٿي ڪنڪٽيوٽي جا مسئلا پيدا ٿين ٿا ته اتي نتيجن جي پهچ آف لائن ماڊيولز ذريعي ٿيندي. سمورن تڪن جي پرزائيڊنگ آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي فارم 45 جي تصوير ٺاهين ۽ ان کي پنهنجي لاڳاپيل آر او کي موڪلين، آر او اهي نتيجا فارم 47 تي داخل ڪري ميڊيا کي جاري ڪندو. هن چيو ته هر آر او جي آفيس جي ٻاهران نتيجا شيئر ڪرڻ لاءِ ميڊيا وال به بڻائي وئي آهي، جڏهن ته ال??ڪشن ڪميشن جي ال??ڪشن سٽي ۾ 5 ميڊيا والز بڻايا ويا آهن جتي قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جا نتيجا مسلسل اپ ڊيٽ ڪيا ويندا.
اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 855 تڪن جي چونڊ نتيجن جي تيزيءَ سان پهچ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ اوزارن سان ليس ”اليڪشن سٽي“ قائم ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : راکی