اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ نگر??ن پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پاڪست??ن پاران ايران ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جي روشني ۾ پنهنجا غيرملڪي دورا مختصر ڪري ڇڏيا آهن. پنهنجي هفتيوار پري?? بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته پاڪستان جي ڪارروائي ايران جي خلاف نه پر دهشتگرد تنظيمن جي خلاف هئي. پاڪست??ن پنهنجي پاڙيسري ملڪ ايران س??ن پرامن لاڳاپن جو خواهشمند آهي ۽ سدائين ڳالهه ??ولهه ذريعي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان اسلامي جمهوريه ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪري ٿو. اڄ جي ڪارروائي جو واحد مقصد پاڪستان جي پنهنجي سلامتي ۽ قومي مفاد جو تحفظ آهي، جيڪو سڀ کان مٿانهون آهي ۽ ان تي ٺاهه ??ٿو ڪري سگهجي. ترجم??ن پاڪست??ن پاران ايران جي صوبي سيستان ۽ بلوچستان ۾ انتهائي ٺوس ۽ خاص هدف تي ٻڌل فوجي حملن جي ڪجهه ئي دير کانپوءِ جاري ڪيل پنهنجي بيان جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته نگران وزيراعظم هن وقت ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ شرڪت جي لاءِ ڊيووس ۾ آهي. جڏهن ته نگر??ن پرڏيهي وزير غيروابسته تحريڪ جي سربراهي اجلاس ۽ ٽئين سائوٿ سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ يوگنڊا جي دوري تي آهي. هنن موجوده صورتحال جي ڏس ۾ پنهنجي دورن کي مختصر ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان جاري صورتحال ۾ ڪنهن ٽئين ڌر جي ثالثي بابت پڇيل سوال تي چيو ته کيس اهڙي ڪنهن به اڳڀرائي جي ڄاڻ نه آهي. هن چيو ته پاڪستان ايران جي عوام کي دوست ۽ ڀائر سمجهي ٿو ۽ صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي نٿو رکي. اميد آهي ته ٻي ڌر به ان ڳالهه کي سمجهندي. هن چيو ته پاڪستان سدائين ڳالهه ??ولهه جي رستي جي چونڊ ڪئي آهي ۽ هو امن قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ايران سميت پاڙيسري ملڪن سان رابطا جاري رکندو. ترجمان چيو ته ”مرگ بر سرمچار“ هڪ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن هو، جنهن ۾ ڪيترائي دهشتگرد ماريا ويا. ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل ڪيترن ئي سالن ک??ن پاڪستان مسلسل پنهنجي سنگين خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ ايران جي اندر پاڻ کي سرمچار رکندڙ پاڪستاني ڄائي دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن ۽ ٺڪاڻن بابت ٺوس ثبوتن سان گڏ ڪيترائي ڊوزيئرز شيئر ڪيا آهن. جيتوڻيڪ اسان جي سنگين خدشن تي عمل نه ٿيڻ جي ڪري اهي نام نهاد سرمچار بيگناهه ??اڪستانين جو وهائيندا رهيا. اڄ صبح جي ڪارروائي انهن نام نهاد سرمچارن پاران وڏي پئماني تي دهشتگردي جي ڪاررواين بابت تصديق ٿيل انٽيليجنس جي روشني ڪئي وئي. هن چيو ته هي ڪارروائي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت جو ثبوت هجڻ سان گڏوگڏ سڀني خطرن جي خلاف پنهنجي قومي سلامتي جي تحفظ ۽ دفاع جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو به مظهر آهي. پاڪست??ن پنهنجي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو رهندو. پاڪستان ڪڏهن به پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کي ڪنهن به بهاني يا صورتحال ۾ چئلينج ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. ترجمان چيو ته عالمي برادري جي هڪ ذميوار ميمبر جي حيثيت س??ن پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن بشمول ميمبر ملڪن جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جو احترام ڪري ٿو. هڪ سوال ته ڇا اير??ن پاڪستان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي ڪرڻ کان اڳ اڳواٽ اطلاع ڏنو هو؟ ترجمان چيو ته بلڪل به ڪو اطلاع نه ڏنو هو. هن مند پشين بارڊر مارڪيٽ ۽ پولان گبد ٽرانسميشن لائين جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان ايران سان واپار ۽ توانائي جهڙن ڪيترن ئي موضوعن تي رابطي ۾ رهيو آ??ي پر ٻه ڏينهن اڳ جيڪو ٿيو اهو حيران ڪندڙ هو. غزه جي صورتحال تي هن چيو ته 14 جنوري 2024ع انساني ضمير جي لاءِ هڪ تڪليف ڏيندڙ ڏينهن هو، اهو فلسطين جي خلاف اسرائيل جي جنگ جو 100 هون ڏينهن هو، جنهن غزه ۾ 24 هزار کان وڌيڪ جانيون وٺي ڇڏيون آهن، اهو انگ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌي رهيو آهي، اسرائيل پاران ظلمن جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته عالمي برادري کي فلسطيني عوام کي وحشياڻي ڪاررواين کان بچائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن جنوري 1990ع دوران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران ڪيل قتل عام جو به ذڪر ڪيو، جنهن ۾ اٽڪل 100 ماڻهو شهيد ٿيا هئا. قتل عام جي شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي ۽ ذميوارن جي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندي ترجمان ان ڳالهه تي جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
نگران وزيراعظم ۽ نگران پرڏيهي وزير پاڪستان پاران ايران ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جي روشني ۾ پنهنجا غيرملڪي دورا مختصر ڪري ڇڏيا آهن: پرڏيهي آفيس ترجمان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار