اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي منتظر آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پن??نجو واعدو پورو ڪري، پاڪستان ??شميري عوام جي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد جي ڪاميابي تائين سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. ڪشمير جي خودمختياري جي حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پن??نجي پيغام ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ ڪشميري عوام اڄ خودمختياري جي حق جو ڏينهن ملهائي رهي آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل 5 جنوري 1949ع تي اڄ جي ئي ڏينهن قرارداد جي ذريعي ڪشميري عوام کي اهو حق ڏنو هو ته اها پن??نجي مرضي موجب پن??نجي مستقبل جو فيصلو ڪري سگهي ٿي. اڄ ڪشميري عوام سان ??يل ان واعدي کي 75 سال گذري ويا پر افسوس جو اهو واعدو اڄ تائين پورو نه ٿي سگهيو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته گڏيل قوم?? کي ڪشميري عوام سان ??يل واعدي جو احترام ڪندي انهن جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد جي حمايت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جا ماڻهو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جا منتظر آهن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پن??نجو واعدو پورو ڪري. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگرانو فاقي وزير چيو ته ڀارت پن??نجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي پن??نجو قبضو مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، تڪراري علائقي جي حيثيت بابت 11 ڊسمبر 2023ع جو ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو ان ??خ ۾ تازه ترين قدم آهي. هن چيو ته ڀارت پن??نجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حدبندي مذهب جي بنياد تي تبديل ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي رهيو آهي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ??ن عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته پاڪستان ??شميري?? کي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد جي ڪاميابي تائين انهن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي منتظر آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن