راولپنڊي-22 نومبر (اي پي پي) اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي ديسي ساخته بم حملي ۾ پاڪ فوج جا 2 ج??ان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر مطابق سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي بم حملي ۾ پاڪ فوج جو لانس نائيڪ احسان بادشاهه (عمر 33 سال، رهائشي ضلع ڪرڪ) ۽ لانس نائيڪ ساجد حسين (عمر 30 سال، رهائشي ضلع ڪرم) شهيد ٿي ويا. علائقي ۾ موجود ڪنهن به دهشتگرد جي خاتمي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن ڪيو پيو وڃي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگر??ي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پر عزم آهي ۽ اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم جي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال