اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم غزه جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هلندڙ مهيني جي شروع ۾ او آءِ سي جي غيرمعمولي سربراهي اجلا?? جي ميزباني ڪرڻ تي سعودي قيادت کي ساراهيو. هن عرب ۽ اسلامي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ ولي ??هد شهزاده محمد بن سلمان جي ڪردار کي ساراهيو. هن غزه ۾ تشدد جي خاتمي ۽ بيگناهه فلسطينين تي اسرائيل پاران ڪيل ظلمن کي روڪڻ جي لاءِ سفارتي ڪوش??ن ۾ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ