اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته گذريل ڏينهن 3 ڊسمبر تائين حج لاءِ وصول ٿيندڙ سموريون درخواستون ڪام??اب قرار ڏنيون ويون آهن جڏهن ته ڏورانهن علائقن ۾ حج درخواستون جمع ڪرائڻ ۾ ڏُکيائين سبب ڀلي پار ويند??ن جي درخواست تي درخواستن تي وصوليءَ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه مذهبي معاملن واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ وفاقي وزير ڀلي پار ويندڙن کي خوشخبري ڏني آهي ته 3 ڊسمبر تائين حج درخواستون جمع ڪرائيندڙ سمورن اميدوارن کي ??ام??اب قرار ڏنو ويو آهي، اسپ??نس??شپ اسڪيم ۾ وصول ٿيل درخواستون به ڪام??اب قرار ڏنيون ويون آهن. سرڪاري حج اسڪيم ۾ درخواستون هاڻ 10 ڊسمبر تائين نامزد بئنڪن ۾ جمع ڪرائي سگهبيون، ڪوٽا کان وڌيڪ درخواستون وصول ٿيڻ جي صورت ۾ ڪڻا ڪڍيا ويندا. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني 10 ڊسمبر تائين اسپ??نس??شپ جي رقم لازمي جمع ڪرائين، اسپ??نس??شپ اسڪيم ۾ وصول درخواستگذارن کي بنا ڪُڻن جي ڪام??اب قرار ڏنو ويندو. وزارت جي ويب سائٽ تي آن لائن پورٽل ذريعي گهر ويٺي حج درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ڀلي پار ويندڙ کي نين هدايتن لاءِ پاڪ حج موبائل ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻ جو چيو ويو آهي.
اڱاري تائين حج لاءِ وصول ٿيندڙ سموريون درخواستون ڪامياب قرار
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا