لاهور – 18 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو ظهير عباس کوکر بار بار اليڪشن ٽربيونل کان تاريخون گهري اليڪشن ٽربيونل جو وقت ضايع ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن وٽس ثبوت نه آهن ته عدالت کي ٻڌائي ته کانئس غلطي ٿي آهي، اڳ ۾ ڪيس ڪريو پوءِ عدالت کان ڀڄو، اهو انهن جو شيوو بڻجي چڪو آهي. پي ٽي آءِ جي ظهير عباس کوکر پاران پن??نجي خلاف اليڪشن ٽربيونل ۾ ڏنل درخواست ۾ تاريخ وٺڻ تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ منهن??ا وڪيل اليڪشن ٽربيونل ۾ پيش ??يا، اسان جي وڪيلن جي مڪمل تياري هئي ۽ سمورا دستاويز به موج??د هئا. هن چيو ته مخالف پارٽي وٽ ڪي به ثبوت نه هئا. وفاقي وزير چيو ته ظهير عباس کوکر عدالت کان فرار چاهي ٿو، انهي لاءِ عدالت کي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جيڪڏهن وٽس ثبوت موج??د هئا ته ظهير عباس کوکر تاريخ ڇو گهري؟ ظهير عباس منهنجي ڪاميابي کي چئلينج ڪيو آهي ته هاڻي منهن ڇو نه ڏئي رهيو آهي؟ هن چيو ته بار بار تاريخون گهري هي اليڪشن ٽربيونل جو وقت ضايع ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن وٽس ثبوت نه آهن ته عدالت کي ٻڌائي ته کانئس غلطي ٿي آهي. هن چيو ته اڳ ۾ ڪيس ڪريو پوءِ عدالت کان ڀڄو، اهو پي ٽي آءِ جو شيوو بڻجي چڪو آهي.
پي ٽي آءِ جو ظهير عباس کوکر بار بار اليڪشن ٽربيونل کان تاريخون گهري اليڪشن ٽربيونل جو وقت ضايع ڪري رهيو آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر