اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ تنزانيه 12 مارچ تي دارالسلام ۾ ٻطرفي سياسي مش??ورت جو افتتاحي اجلاس منعقد ڪندا. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. ڳالهين ۾ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (آفريقا) شهريار اڪبر پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو جڏهن ته تنزانيه جي وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت ۽ اوڀر آفريقي تعاون جي ڊائريڪٽر ايشيا سالواتور ايمبيليني ڪندو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ تنزانيه جي وچ ۾ گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. تنزانيه آفريقي کنڊ ۾ پاڪستان جو هڪ اهم واپاري حصيدار آهي. ٻطرفي سياسي مش??ورت جي شروعات ٻطرفن لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي اسان جي گڏيل خواهش کي نظر ۾ رکندي ٿي آهي. هن چيو ته ٻطرفي سياسي مش??ورت پاڪستان ۽ تنزانيه جي وچ ۾ مش??وليت ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ اهم اداراجاتي فريم ورڪ طور تي ڪم ڪندو. هن چيو ته ٻئي ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون، تعاون جون نيون راهون ڳولينديون ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون.
پاڪستان ۽ تنزانيه 12 مارچ تي دارالسلام ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس منعقد ڪندا
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں