اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي سالياني 5 ارب ڊالر جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ، واپار، دفاع، راب??ن ۽ ثقافت سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر مهمت پاچاجي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان خيرسگالي ملاقات ڪئي. سفير وزيراعظم کي ٻ??هر چونڊجڻ تي م??ار??باد ڏني ۽ ترڪيه جي قيادت پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻ??هر چونڊجڻ جي فوري پوءِ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پاران م??ار??باد واري ٽيل??فو?? ڪال ۽ م??ار??باد جي پيغام کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مثالي ٻطرفا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل تاريخ، مذهب ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. وزيراعظم چيو ته ٻطرفي واپار جي سالياني 5 ارب ڊالر جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ٻنهي ڌرين کي واپار، دفاع، راب??ن ۽ ثقافت سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ان سلسلي ۾ هن ڪان ففٿ جنريشن جي ويڙهاڪ جهاز جي ڪامياب اڏام تي ترڪيه کي م??ار??باد ڏني. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه بنيادي مسئلن تي هڪ ٻئي جي مسلسل حمايت ڪئي آهي ۽ مستقبل ۾ پڻ ڪندا رهندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر اردوان جي ٻ??هر پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني عوام ان دوري جي منتظر آهي جيڪو ٻنهي ڌرين کي اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جي ستين اجلاس دوران وسيع مشاورت ڪرڻ جو هڪ مفيد موقعو فراهم ڪندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪيه جي سفير جي ملاقات، گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا