اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ جو وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات جي لاءِ وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اچڻ تي وزيراعظم هائوس جي مر??زي دروازي تي معزز مهمان جو استقبال ڪيو. بعد ۾ هن وفاقي ??ابينا جي ميمبرن بشمول بلاول ڀٽو زرداري، اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله، سيد نويد قمر، احسن اقبال، سعد رفيق، مريم اورنگزيب، حنا رباني کر ۽ طارق فاطمي تي ٻڌل پ??هنجي وفد جو چ??ني نائب وزيراعظم سان تعارف ڪرايو. ان کانپوءِ چيني وفد جو وزيراعظم شهباز شريف سان تعارف ڪرايو ويو. واضح رهي ته پاڪستان حڪومت جي دعوت تي صدر شي جن پنگ جو خصوصي ايلچي، چين جو نائب وزيراعظم ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي مر??زي ڪميٽي جي پولٽ بيورو جو ميمبر هي لي فينگ پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڏهين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته چين جي نائب وزيراعظم ۽ وفد جو پاڪستان اچڻ تي گرمجوشي سان استقبال ڪرڻ تي خوشي ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هي لي فينگ ۽ سندس وفد سي پيڪ جي ڏهين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم چيو ته چين جو اعليٰ سطحي وفد گيم چينجر منصوبي تحت ٿيندڙ اڳڀرائي جو مشاهدو پڻ ڪندو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 15:35
چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر