اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) سوئس ڪنفيڊريشن جو پرڏيهي وزير فيڊرل ڪائونسلر اگنا??يو ڪيسس 7 کان 9 جولاءِ تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو، وفد ۾ سوئس پارليامينٽ جا ٽي ميمبر ۽ سينيئر عملدار شامل آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزير??عظ?? شهباز شريف اگنا??يو ڪيسس کي هن سال 9 جنوري تي ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان بابت عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي جنيوا ۾ ملاقات دوران پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني هئي. اسلام آباد ۾ قيام دوران هو وزير??عظ?? ۽ موسمياتي تبديلي واري وزير شيري رحمان سان ملاقات ڪندو. هو اسلام آباد ۾ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو د??رو ڪندو جتي ڌريون ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ۾ ٻطرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار