اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلا??ل ڀٽو زرداري سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ??ئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلا??ل ڀٽو زرداري سعودي عرب ۽ ايران جي وچ م لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ بابت تازي ”ٽه ڌريي گڏيل بيان“ جي ذريعي اعلان تي سعودي پرڏيهي وزير کي مب??رڪباد ڏني ۽ ان مثبت اڳڀرائي تي سعودي عرب جي قيادت ??ي ساراهيو. پرڏيهي وزير چيو ته اهو معاهدو پوري خطي ۾ امن، سلامتي، واپار ۽ ترقي جي لاءِ بامعنيٰ ڳالهين جي شروعات جي راهه هموار ڪندو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي ٻطرفي اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ سگهه ??يڻ ۽ متنوع بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي اهم ڪردار تي پڻ زور ڏنو.
بلاول ڀٽو زرداري پاران سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ