اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي شهرت يافته ناليواري هدايتڪار، صداڪار، اد??ڪار، ليکڪ ۽ ميزبان ضياءَ محي الدين جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ضياءَ محي الدين پنهنجي ذات ۾ هڪ فن پارو هو سندس مخصوص انداز پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڌوم مچائي. افسوس آهي ته ڪيترين ئي خوبصورت خوبين جو مالڪ شخص لاڏاڻو ڪري ويو. وزيراعظم چيو ته ضياءَ محي الدين پاڪستان ۾ ٽيليويزن هوسٽنگ کي هڪ نئين رخ کان روشناس ڪرايو ۽ عالمي سطح تي اد??ڪاري ذريعي پاڪستان جو نالو ٻاهرئين ملڪ روشن ڪيو. نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس جي صدر طور هن نئين ايندڙ فنڪارن جي تربيت ۾ پنهنجو شاندار ڪردار اد?? ڪيو. ضياءَ محي الدين جو آواز اسان جي ذهن ۾ گونجندو رهندو. وزيراعظم چيو ته ان جي صلاحيتن ۽ ان جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. ا??له تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئ??رن کي صبر جميل عطا فرمائي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران ضياءَ محي الدين جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش