اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب ڪابينا جي اجلاس جي شروع ۾ وزيراعظم شهباز شريف سمورن وفا??ي وزيرن جا پنهنجي بيماري دوران عيادت، نيڪ خواهشن ۽ صحتيابي لاءِ دعائن تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ناڻي واري وفا??ي وزير، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزير، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن، موسمياتي تبديلين واري وزير، مواصلات واري وزير، توانائي واري وزير، اين ڊي ايم اي ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ متاثرين جي لاءِ ريليف ۽ بحالي جي خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ ۾ نقصانن کي عا??مي فورم ڪوپ 27 ۾ ڪاميابي سان اجاگر ڪرڻ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اطلاعات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب ۽ موسمياتي تبديلين واري وزير شيري رحمان جي ڪوششن کي خاص طور تي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ??يندڙ نقصانن تي عا??مي برادري پاران ??قصانن ازالي لاءِ مدد جي خاطري ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انهن خطرن ۾ ورتل ملڪن جي لاءِ لاس اينڊ ڊيميجز فنڊ قائم ڪرڻ کي پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جي وڏي فتح قرار ڏنو. ڪابينا وزيراعظم جي سيڪريٽري سيد توقير شاهه جي والده جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي. ان کانسواءِ ڪابينا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تازن واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جي مغفرت لاءِ دعا به ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو