اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي)آبي وسيلن واري وفاقي و??ير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته گڏيل قومن کي پنهنجي قراردادن موجب استصواب راءِ ذريعي ڪشميري عوام کي پنهنجي قسمت جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏيڻو پوندو، ڪجهه عالمي طاقتون هڪ طرف امن امن جو نعرو لڳائينديون آهن ۽ ٻي طرف والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ انسانيت لڄائيندڙ ظلمن تي اکيون ب??د ڪري وٺنديون آهن. 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ هن چي?? ته جيستائين عالمي طاقتون ڪشمير معاملي تي پنهنجو ٻٽو معيار ترڪ نٿيون ڪن تيستائين خطي ۾ پائيدار امن قائم نٿو ٿي سگهي. هن چي?? ته ڪشمير جي مسئلي جو حل خ??ي جي خوشحالي ۽ امن لاءِ ضروري آهي ۽ ڀارت کي ڌنوس ۽ هٺ ڌرمي کي ترڪ ڪري ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا. وفاقي و??ير چي?? ته انساني حقن جي چيئمپين ملڪن جي منفافقاڻي رويي جي ڪري ڪشميري مسلمانن جي آزادي ۽ خودمختياري واري حق جو معاملو هن وقت تائين لٽڪيل آهي، وفاقي و??ير چي?? ته اسان هر مشڪل ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ اسان جون تاريخي ۽ بي مثال قربانيون رائيگان نه وينديون. هن چي?? ته ڀارت ڄاڻي وٺي ته 75 سالن ۾ هر ايندڙ نسل ڀارت خلاف علم بغاوت بلند ڪيو آهي ۽ هو ڪشميرين جي حريت واري جذبي کي ڪڏهن مات نه ڏئي سگهيو. هن چي?? ته والاريل ڪشمير ۾ آزادي جو سج آخر ڪار اڀرندو.
گڏيل قومون کي استصواب راءِ ذريعي ڪشميري عوام کي پنهنجي قسمت جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏيڻو پوندو: سيد خورشيد شاهه
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری