اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن ارشد شريف جي ڪينيا ۾ افسوسناڪ موت تي ارشد شريف جي ماءُ ۽ پاڪستان ۾ ڪينيا جي سفي?? کي ٽيليفون ڪئي، ارشد شريف جي ماءُ سان تعزيت جو اظهار ڪندي هن چيو ته پاڪستان حڪومت ارشد شريف جي م??ت جي حوالي سان ڪينيا جي حڪومت ۽ لاڳاپيل عملدارن سان رابطي ۾ آه??. هن ارشد شريف جي ماءُ کي سندس پٽ جي موت تي هي??تا??ين ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ملندڙ معلومات کان آگاهه ڪيو۔ هن چيو ته ارشد شريف جي موت تي تمام گهڻو ڏک آه??. گهروارن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آه??ان. ارشد شريف جي م??ت جي سببن جي خبر جي ڪوش?? ڪري رهيا آه??ون. هن چيو ته ڪينيا جي حڪومت سرڪاري طور تي ارشد شريف جي موت بابت هي??تا??ين ڪجهه ناهي ٻڌايو، جيئن ئي ڪينيا جي حڪومت اسان کي آگاهه ڪندي، اسان تفصيلن کان ارشد شريف جي گهروارن ۽ عوام کي آگاهه ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ڪينيا جي حڪومت ۽ لاڳاپيل عملدارن سان رابطي ۾ آه??. هن چيو ته پاڪستاني ميڊيا تي ارشد شريف بابت جاري قياس آرائيون افسوسناڪ آه??. ڪينيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر پوليس وارن سان رابطي ۾ آه??، ان کانسواءِ پاڪستان ۾ ڪينيا جي سفير سان به رابطو ٿيو آه??، جنهن مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آه??. پاڪستان ۾ ڪينيا جو سفير پنهنجي حڪومت کان معلومات وٺي اسان کي آگاهه ڪندو. گهرو وزارت ڪينيا جي سيڪيورٽي ايجنسين سان رابطي ۾ آه??. حقيقتون عوام آڏو آڻينداسين. هن چيو ته تصديق ٿيل حقيقتون سامهون اچڻ تائين قياس آرائين کان پاسو ڪيو وڃي. ارشد شريف جي م??ت جي حوالي سان سمورين حقيقتن تائين پهچنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ گهروارن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.
مريم اورنگزيب پاران سينيئر صحافي ارشد شريف جي ماءُ ۽ پاڪستان ۾ ڪينيا جي سفير کي ٽيليفون
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر