اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين م??مد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڪشمي??ي عوام جي آزادي جي جدوجهد جلد ڪاميابي سان همڪنار ٿيندي، 75 سال اڳ ڪشمي??ي عوام آزادي جي جدوجهد ذريعي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير رياست جو سنگ بنياد رکيو. 75 هين ڪشمير تاسيس ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشمي??ي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي پاران انساني حقن جي پائمالي جو نوٽيس وٺي. 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت ڪشمي??ي عوام جي خودمختياري جي حق تي راتاهو هنيو ۽ ڀارت ڪڌي حربن سان گهڻي دير پنهنجو غيرقانوني قبضو قائم نه ٿو رکي سگهي. ڀارت جي فاشسٽ حڪومت جا ڪڌا حربا ڪشمي??ي عوام جو ع??م ۽ حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. سينيٽ چيئرمين م??مد صادق سنجراڻي چيو ته اسان پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي جائز خودمختياري جي مقصد جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهيون.
ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد جلد ڪاميابي سان همڪنار ٿيندي: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ