اسلام آباد -06 سيپٽمبر (اي پي پي) 6 سيپٽمبر 1965ع جرئت ۽ بهادريءَ جا داستان رقم ڪرڻ جو ڏينهن آهي، پاڪستان جي شيردل فوج تمام وڏي دشمن ڀارت کي رُڪ جا چڻا چٻرايا، ڀارت کي هر محاذ تي منهن ڀر ڪرڻو پيو. 6 سيپٽمبر 1965ع تي ڀارت صبح 4 وڳي لاهور تي حملو ڪيو، پاڪ ??وج لاهور جسٽر طرفان سيالڪوٽ ۽ فيروز پور طرفان قصور تي ڪيل ڀارتي حملو ناڪام بڻايو، واهگه ۽ بيديان جي ٻنهي مهاذن تي پاڪ ??وج وڏي جاني نقصان پهچائيندي ڀارتي حملو ناڪام بڻايو، وڏي انگ ۾ ڀارتي فوج جنگي قيدي بڻايا ويا. لاهور جي محاذ تي ڪيترين ئي ڀارتي ٽينڪن، بندوقن ۽ ٻئي جنگي سازو سامان کي تباهه ڪي?? ويو. جسٽر واري جاءِ تي تمام وڏي جنگ وڙهي وئي، جنهن ۾ ڀارتي فوجين کي ڊوڙائي ڪڍي?? ويو ۽ راوي درياهه جو اهو ڏاکڻيون علائقو آزاد ڪراي?? ويو جنهن تي ڀارتي فوج صبح جو قبضو ڪيو هو. ڇمڀ جي محاذ تي وڏو نقصان کائڻ ۽ ڪيترن ئي ميلن جي علائقي ۾ دشمن جا هٿيار وکريا پيا هئا، 35 ڀارتي فوجين کي جنگي قيدي بڻاي?? ويو. ڪشميري مجاهدن سرينگر ويجهو 2 پلن ۽ هڪ رستي کي تباهه يو. راجوڙي ۽ پونچ لائن کي به سخت نقصان پهچاي?? ويو. صبح جو ساڍي 6 وڳي لاهور تي حملي جي خبر ملندي ئي فوج کي پنهنجي مقرره هدف تي قبضي ڪرڻ جو حڪم ڏن?? ويو. پاڪ ??ضائيه پٺاڻ ڪوٽ هوائي اڏي تي ڪامياب حملو ڪيو، پاڪ ??ضائيه ڀارت جا 22 جهاز تباهه ڪيا، جن ۾ سي 119، ميسٽريس، 21 ساخت جا جهاز شامل هئا. هڪ ميسٽريس جهاز کي راهوالي وٽ ميزائيل وسيلي ڪيراي?? ويو. فيلڊ مارشل محمد ايوب خان چيو هو ته اسان جنگ جي حالت ۾ آهيون، اسان جا بهادر سپاهي دشمن جا حملا ناڪام ڪرڻ لاءِ اڳيان نڪري چڪا آهن، اسان جي هٿياربند فوج جرئت ۽ بهادري ثابت ڪري ڏيکاريندي. اسان جي بهادر فوج جو جذبو ناقابل تسخير آهي ۽ اسان جو عزم ڪڏهن به ڪمزور نه ٿيو. هو دشمن سان لوهن هٿن سان وڙهندا.
6 سيپٽمبر 1965ع جرئت ۽ بهادريءَ جو داستان رقم ڪرڻ جو ڏينهن آهي، پاڪستان جي شيردل فوج تمام وڏي دشمن کي رڪ جا چڻا چٻرايا، ڀارت کي هر محاذ تي منهن ڀر ڪرڻو پيو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر