اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي ميمبرن چيو آهي ته ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ان جي خواهشن موجب ملڻ گهرجي، ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهيون، 9 لک ڀارتي فوج 80 لک معصوم ڪشميرين تي ظلم ??ري رهي آهي، موثر پرڏيهي پاليسي جي ??ري ڪشمير جو مسئلو عالمي سطح تي اجاگر ٿيو آهي، خطي جي سلامتي ڪشمير جي مسئلي سان جڙيل آهي، سيد علي گيلاني سميت سڀني حريت اڳواڻن آزادي جي جدوجهد کي سلام پيش ??ري??ن ٿا، ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ گرفتار حريت اڳواڻن جي آزادي لاءِ عالمي تحريڪ هلائي وڃي. سينيٽ جي اجلاس ۾ يوم يڪجهتي جي موقعي تي غير قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تازي صورتحال کي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته موثر پرڏيهي پاليسي جي ??ري ڪشمير جو مسئلو عالمي سطح تي اجاگر ٿيو آهي، خطي جي سلامتي ڪشمير جي مسئلي سان ڳنڍيل آهي. سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته يوم يڪجهتي ڪشمير تي سڄي ملڪ ۾ مظاهرا، ريليون ۽ جلسا ٿيندا، سينيٽر فيصل سبزواري چيو ته ڀ??رت ڪشميرين تي بيلٽ گنز جي استعمال سميت هر حربو استعمال ??ري رهيو آهي، ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جي فيصلي ڪرڻ جو حق ملڻ گهرجي. ڪشميرين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون، سينيٽر طاهر بزنجو چيو ته مضبوط پ??ڏيهي پاليسي مضبوط معيشت سان جنم وٺندي آهي، سينيٽر اعجاز چوڌري چيو ته 9 لک ڀارتي فوج 80 لک معصوم شهرين تي ظلم ??ري رهي آهي، سيد علي گيلاني جي آزادي جي جدوجهد کي سلام پيش ??ري??ن ٿا. هن چيو ته اوڀر تيمور کي حق ملي ٿو ته ڪشميرين کي خودمختياري وارو حق ڇو نٿو ملي، سينيٽر حاجي هدايت الله چيو ته ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جي مذمت ??ري??ن ٿا، ڪشميرين بابت گڏيل قومن جي قراردادن تي عمل ڇو ناهي ٿيو، سينيٽر مشتاق احمد چيو ته ڀ??رت کي بد??ري?? شڪست ٿي آهي، ڪشمير پاڪستان جو حصو بڻجندو، عالمي سطح تي ڪشمير جو مسئلو وڌيڪ موثر انداز ۾ کنيو وڃي، ان معاملي تي سڄي قوم متحد آهي. والاريل ڪشمير ۾ گرفتار حريت اڳواڻن جي آزادي لاءِ عالمي تحريڪ هلائي وڃي. سينيٽر وليد اقبال چيو ته 9 لک ڀارتي فوج جو ظلم ڪشميرين جي دلين ۾ انقلاب جو شعلو وسائي نه سگهي، عالمي سطح تي مختلف ملڪن تي الزام لڳائي اقتصادي پابنديون لڳايون وينديون آهن، پر ڪشمير جي مسلمانن تي ٿيل ظلم ڪنهن کي نظر ناهن ايندا، سينيٽر فيصل جاويد چيو ته هندو عورت ميمبر ايوان جي اجلاس جي صد??رت ڪئي ته جيئن اهو دنيا کي پيغام وڃي ته پاڪستان جو اهو چهرو آهي ته ڪهڙي طرح هتي اقليتن کي حق حاصل آهن، ٻي طرف ڀ??رت ۾ مسلمانن سميت اقليتن تي ظلم ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته ڀ??رت ۾ بابري مسجدکي شهيد ڪيو ويو آهي، وزيراعظم پاڪستان ڪرتار پور لنگهه جو افتتاح ڪيو آهي، سينيٽر رضا رباني چيو ته هڪ تصوير مان ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ مزاحمت جو ڪلچر سامهون آيو جنهن ۾ هڪ ٻار پنهنجي ناني جي لاش سان گڏ ويٺل آهي، ڀارتي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ظلم ٿي رهيا آهن، والاريل ڪشمير جي آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڀارتي ظلم ۽ بربريت تي عالمي ادارا خاموش آهن، ڀ??رت کي خطي جو صوبيدار بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن کي نشانو بڻائڻ جي مذمت ??ري??ن ٿا، سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو ته سينيٽر ڪيشو ٻائي جو ايوان جي اجلاس جي صد??رت ڪرڻ خوش آئنده آهي، قبضي هيٺ ڪشمير جي مسئلن تي حڪومت ۽ مخالف ڌر جو هڪجهڙو موقف آهي.
ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ان جي خواهشن موجب ملڻ گهرجي: سينيٽرز
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی