اسلام آباد/ دوشنبي-25 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ ت??جڪ??تان سميت پوري خطي لاءِ اقتصادي سهڪار وڌائڻ ۽ رابطن کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان برابر اهميت وارو آهي. اهڙو اظ??ار هن دوشنبي ۾ ت??جڪ??تان جي صدر امام علي الرحمان سان ملاقات ۾ ڪيو. پرڏيهي آفيس مطابق شاه محمود قريشي ت??جڪ??تان جي صدر کي وزير??عظ?? عمران خان طرفان نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ ت??جڪ??تان وچ ۾ اونها تاريخي ڀائراڻا ناتا آهن جيڪي برابر مذهبي، تهذيبي ۽ ثقافتي بنيادن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي اعليٰ قيادت انهن ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم ??هي. پرڏيهي وزير ت??جڪ??تان سان گڏيل دلچسپي جي ڊگهي مدي وارن ??عبن ۾ ٻه طرفي ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم ??و ورجاءُ ڪيو ۽ ت??جڪ??تان جي صدر کي افغانستان جي موجوده صورتحال جي حوالي سان پاڪستان جي نقطئه نظر کان آگاهه ڪيو. شاه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ ت??جڪ??تان سميت سڄي خطي لاءِ وڏي اهميت وارو آهي. شاه محمود قريشي گڏيل مقصدن کي ماڻڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ت??جڪ??تان جي صدر امام علي الرحمان چيو ته هو سيپٽمبر 2021ع تي دوشنبي ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ وزير??عظ?? عمران خان جي شرڪت جو منتظر آهي.
افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ تاجڪستان سميت پوري خطي لاءِ برابر اهميت وارو آهي: شاه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس