استنبول – 15 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پ??ڪ??تا?? ۽ ترڪيءَ جا لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام کان وڌيڪ آهن، پاڪ ترڪ گڏيل لاڳاپا پرامن گڏيل بقاءَ ۽ گهڻ رخي حصيداري تي ٻڌل آهن. ترڪيءَ ۾ تيار ڪيل پي اين ايس بابر جي پهرين ملجم ڪلاس ڪورويٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صدر عالمي امن ۽ استحڪام جي حوالي سان ترڪيءَ جي ڪردار کي ساراهيو. تقريب ۾ ترڪ صدر رجب ط??ب اردوان، خاتون اول ثمينه علوي ۽ ترڪ حڪومت جي اعليٰ عملدارن پڻ ش??ڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پ??ڪ??تا?? جي حڪومت ۽ عوام امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ترڪي سان گڏ بيٺل رهندا. هن چيو ته پ??ڪ??تا?? ۽ ترڪيءَ کي هڪ جهڙا مسئلا ۽ خطرا درپيش آهن ۽ ٻنهي ملڪن سيڪيورٽي تعاون کي سگهه ڏني آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪ صدر رجب ط??ب اردوان جي قيادت ۾ ترڪيءَ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ترڪ دفاع واري وزارت جي ڪارڪردگي تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته پ??ڪ??تا?? ترڪيءَ جي دفاعي مصنوعات جي هڪ وڏي مارڪيٽ آهي. صدر وڌيڪ چيو ته ملجم سامونڊي جهاز جي تياري ۾ حصيداري سان نه رڳو پاڪ بحريه جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو پر ان سان گڏيل لاڳاپن جي وڌيڪ استحڪام ۾ پڻ مدد ملندي. هن ڪوويڊ 19 جي مسئلن جي باوجود هڪ وڏو سنگ ميل حاصل ڪرڻ تي سمورن حصيدارن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب جي ش??ڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته تازن عالمي معاملن ۾ اخلاقيات کي ثانوي حيثيت ڏني وڃي ٿي جڏهن ته مستقبل ۾ اخلاقيات ئي قومن جي رهنمائي ڪندي ۽ ان حوالي سان پاڪ??تا?? ۽ ترڪيءَ جو ڪردار اهم هوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته ملجم سامونڊي جهازن جي تياري جي معاهدي موجب پهريون ۽ ٽيون سامونڊي جهاز ترڪيءَ ۾ تيار ڪيو ويندو جڏهن ته ٻيو ۽ چوٿون سامونڊي جهاز پاڪ??تا?? ۾ تيار ڪيو ويندو. هن چيو ته پ??ڪ??تا?? ۽ ترڪيءَ جا لاڳاپا رڳو حڪومتن جي وچ ۾ ئي نه آهن پر ٻنهي ملڪن جي عوام جا لاڳاپا به مستحڪم آهن. هن چيو ته ڪوڙين خبرن جي حڪمت عملي نئين ڳالهه نه آهي پر اهو هڪ پراڻو مسئلو آهي. هن چيو ته اڄ جي دور ۾ معلومات به آزاداڻي نه آهي بلڪه ان جا به پڙدي پٺيان مقصد آهن. هن چيو ته اسلامي قدرن موجب اطلاعات آزاداڻي ۽ سڀني جي مفاد ۾ هجڻ گهرجي. هن افتتاحي تقريب ۾ ش??ڪت جي لاءِ گهرائڻ تي ترڪ صدر جا ٿورا پڻ مڃيا. بعد ۾ سامونڊي جهاز جي لانچنگ کان اڳ خاتون اول ثمينه علوي دعا ڪئي هي حصيداري پاڪ??تا?? جي لاءِ خوش آئنده ثابت ٿيندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هي جهاز وقار ۽ ڪاميابي سان پاڪ??تا?? جو جهنڊو سربلند ڪندو. هن ان جي ڪاميابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي ترڪ صدر رجب ط??ب اردوان چيو ته افغان??تا?? ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪ??تا?? ٺوس ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پ??ڪ??تا?? ۽ ترڪيءَ افغان??تا?? ۾ جلد کان جلد استحڪام جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻندا. هن وڌيڪ چيو ته پ??ڪ??تا?? سان ترڪيءَ جو تعاون جاري رهندو. هن چيو ته خطي جي مسئلن جو خاتمو پاڪ??تا?? جي مدد سان ممڪن آهي. هن چيو ته معاهدي تحت پاڪ??تا?? نيوي جي لاءِ تيار ڪيل جهاز پاڪ??تا?? ۽ ترڪيءَ ۾ تيار ڪيا ويندا. هن چيو ته منصوبي جي شروعات 2019ع ۾ ٿي هئي جيڪو 2025ع تائين مڪمل ٿيندو. ترڪ صدر وڌيڪ چيو ته ترڪ دفاع واري وزارت مختلف ملڪن سان تعاون ڪري رهي آهي جڏهن ته پ??ڪ??تا?? انهن ملڪن ۾ خاص مقام رکي ٿو. رجب ط??ب اردوان چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل حصيداري کي دنيا جي لاءِ مثالي بڻائيندا.
پاڪ ترڪ گڏيل لاڳاپا پرامن گڏيل بقاءَ ۽ گهڻ رخي حصيداري تي ٻڌل آهن: صدر
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت