اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اقتصادي مشاورتي ڪائونسل کي عوام تي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ بدران رليف فراهم ??رڻ لاءِ آئوٽ آف باڪس حل تجويز ??رڻ ۽ معاشي استحڪام ۽ پيداوار گروٿ لاءِ روڊ ميپ پيش ??رڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت اقتصادي مشاورتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪئي. وزيراعظم وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو ۽ سڀني ميمبرن کي اڪنامڪ ايڊوائيزري ڪائونسل ۾ آجيان ڪندي ناڻي واري وزير کي هدايت ڪئي ته ملڪي معيشت جي حوالي سان اهم معاملن تي تجويزون پيش ڪندڙ ان ڪائونسل کي مڪمل طور تي فعال هجڻ کي يقيني بڻايو وڃي، وزيراعظم چيو ته اڪنامڪ ايڊوائيزري ڪائونسل جي قيام جو مقصد ملڪي معيشت کي پائيدار بنيادن تي هموار ??رڻ جي حوالي سان ناليوارن معاشي ماهرن جي تجويزن مان فائدو وٺڻو آ??ي. وزيراعظم معاشي مسئلن جو ذڪر ڪندي چيو ته مشڪل معاشي حالتن جي پيش نظر عوام تي ٽيڪسن جو وڌيڪ بار وجهڻ بدران آڊٽ آف باڪس حل تجويز ڪيا وڃن ته جيئن ان سان جتي عوام ??ي رليف ميسر اچي اتي معيشت جي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته حڪومتي ڪوششن جي ڪري ڪاروباري فضا بهتر ٿي ۽ ڪاروباري برادري جو اعتماد بحال ٿيو آ??ي، هن چيو ته حڪومت جي هر ممڪن ڪوشش رهي آهي ته بزنس ڪميونٽي جي مشاورت سان نه رڳو ??اليسيون جوڙيون وڃن پر انهن پاليسين جو تسلسل يقيني بڻايو وڃي.
وزيراعظم پاران عوام تي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ بدران رليف فراهم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن