اسلام آباد – 08 مئي (اي پي پي) وز??راعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بلاول آءِ ايم ايف بابت پريشان نه ٿئي، سنڌ حڪومت جي مالي بي ضابطگين ۽ صوبائي خزاني تي ڌاڙي جو جواب ڏي، لانچن ۽ گهرن مان جيڪو پئسو مليو اهو قوم جو پئسو آهي، ان کي واپس ڪرڻو پوندو، ڀٽو جو وارث بڻجڻ لاءِ توهان کي ڪرپشن سان ڳانڍاپو ٽوڙڻو پوندو. بلاول ڀٽو جي ميڊيا ٽاڪ تي ردعمل جو اظهار ڪندي پنهنجي هڪ بي??ن ۾ هن چيو ته بلاول اندرون سنڌ ۾ ايڊز کان متاثر ماڻهن ۽ خاندانن کي تسلي ڏيڻ ڇو نه ويو؟ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وف??ق پاران ڏنل اربين رپيا هضم ڪري ڏاڪار تائين به نه ڏيندڙ وف??ق کان ڪهڙي ڳالهه جي گلا ڪري رهيا آهن؟
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز