اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪي قومون قرضن تي گذارو ڪن ٿيون اهي پنهنجي عزت ۽ آزادي وڃائي ويهن ٿيون، قوم کي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين، اسان ملڪ ۾ اهڙو ماحول ٺاهي رهيا آهيون جو عوام ٽيڪس ڏي، ان سلسلي ۾ پاڻ بڻجنداسين، ??ست??خانا خاڪن جي معاملي تي او آءِ سي سان گڏجي حڪمت عملي ٺاهينداسين، بار بار اهڙن واقعن جو ٿيڻ مسلمانن جي ناڪامي آهي. سينيٽ ۾ ڳ??لهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان ??ست??انا خاڪن جو معاملو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ سيپٽمبر ۾ اٿارينداسين، آئون اولهه جي ذهنيت ڄاڻان ٿو، اتان جو معاشرو اظهار راءِ جي آزادي جو قائل آهي ۽ ان ڳالهه کي نه ٿو سمجهي ته نبي ڪريم صه سان اسان کي ڪيترو پيار آهي، اسان جا ج??با ڪهڙا آهن.
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس