گڏيل قومون-11 ڊسمبر (اي پي پي) غزه ۾ شهري آبادي جي سنگين صورتحال تي گڏيل قومن جي ??نر?? اسيمبلي جو خصوصي اجلاس اڄ اڱاري تي منجهند جو ٿيندو. ??نر?? اسيمبلي جي صدر ڊينس فرانسس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ??سيمبلي ۾ اجلاس اڱاري تي نيويارڪ جي وقت مطابق منهجند 03 وڳي ٿيندو. ميمبر ملڪن ڏانهن لکيل خط ۾ صدر ڊينس فرانسس چيو آهي ته هي اجلاس مصر، موريطانيا، عرب گروپ جي سربراهن ۽ اسلامي ??هڪار تنظيم جي گذارش تي سڏايو ويو آهي.هن چيو ته ??جلاس جي درخواست ۾ مصر ۽ موريطانيا غزه پٽي ۾ فلسطيني شهري آبادي جي سنگين صورتحال جو حوالو ڏنو آهي. الجزيره جي رپورٽ مطابق ان کان اڳ گڏيل قومن لاءِ مصر جي مشن ٺهراءَ جي مسودي جو متن ميمبر ملڪن جي نمائندن ۾ ورهايو ويو آهي جنهن ۾ فوري طور تي انساني بنيادن تي جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن لاءِ مصر جي نمائندي اسامه عبدالخالق ايلس تي جاري پوسٽ ۾ چيو آهي ته ??ها خونريزي فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي. ??نر?? اسيمبلي جي ٺهراءَ جي مسودي ۾ سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءِ جهڙي ئي ٻولي استعمال ڪئي وئي آهي جنهن کي آمريڪا جمعي تي ويٽو ڪري ڇڏيو هو ۽ ان تي اڄ اڱاري تي ووٽنگ جو امڪان آهي. 193 ميمبرن جي ??نر?? اسيمبلي 27 آڪٽوبر تي به انساني همدردي جي بنياد تي فوري ۽ مستقل جنگ بندي جو مطالبو ڪيو هو.
غزه صورتحال تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو خصوصي اجلاس اڄ ٿيندو
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل