گڏيل قومن-28 نومبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ڏکڻ قطب ويجهو واقع ان??ار??ٽيڪا کنڊ کي خطرناڪ ديو قرار ڏيندي چيو آ??ي ته ماحولياتي تبديليون ان ديو جي جاڳائي رهيون آهن. ان??ار??ٽيڪا جي دؤري تان واپسيءَ تي گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ان??ار??ٽيڪا ۽ گرين لينڊ ۾ برف 1990ع جي ڏهاڪي جي شروعات جي ڀيٽ ۾ ٽيڻ تي وڌيڪ پگهرجي رهي آهي، ان جي نتيجي ۾ سال جي هن وقت ڏکڻ قطب تي عام طور تي جيڪو علائقو برف سان ڍڪيل هوندو آ??ي، هن وقت ان ايراضيءَ ۾ 15 لک چورس ڪلوميٽر گهٽتائي اچي چڪي آهي، جيڪا پرتگال، اسپين، فرانس ۽ جرمني جي گڏيل ايراضيءَ جي برابر آهي. هن چيو ته برف جي تيزيءَ سان پگهرجڻ جا اثر ان??ار??ٽيڪا تائين محدود نه رهندا، ان جي نتيجي ۾ سمنڊ جي سطح بلند ٿيندي ۽ ان سان سڄي دنيا ۾ سامونڊي آبادين ?? رهندڙن جون حياتيون ۽ معيشت خراب ريت خطري جو شڪار ٿيندي. ان ۾ سڄي دنيا ۾ پکڙيل ننڍا ٻيٽ ۽ سامونڊي شهر پڻ شامل آهن. هن چيو ته ان??ار??ٽيڪا ۽ ان جي ڀرپاسي پاڻيءَ جي چ??رپ?? سڄي دنيا ۾ گرمي، غذائي شين ?? ڪاربان کي ورهائي ٿي، جنهن سان اسان جي آبهوا ۽ علائقائي موسمي ماڊلز کي منظم ٿيڻ ۾ مدد ملندي آهي، پر ڏکڻ ماٺي سمنڊ جي پاڻيءَ جو گرمي پد وڌڻ ۽ ان جي ايراضيءَ ۾ گهٽتائيءَ سبب اهو نظام سست ٿي رهيو آ??ي، ان نظام ۾ وڌيڪ سستي يا ان ۾ مڪمل خرابي وڏي پيماني تي تباهيءَ جو سبب بڻجندي. ان خبردار ڪيو ته فاصل فيول جي استعمال ۾ گهٽتائي نه هجڻ جي صورت ۾ هلندڙ صديءَ جي آخر تائين زمين جو سراسر گرمي پد 3 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌي سگهي ٿو، جنهن جا اثر تباهه ڪُن هوندا. ان??ار??ٽيڪا ۽ـ گرين لينڊ ۾ برف جي گهٽجڻ سبب موسم جي شدت ۽ گرميءَ ۾ واڌ ٿيندي. هن چيو ته هلندڙ هفتي ۾ دبئي ۾ ٿيندڙ ڪوپ 28 ڪانفرنس ۾ عالمي اڳواڻن کي سنجيدگيءَ سان ان سلسلي ۾ قدم کڻندا پوندا. هن تجويز ڏني ته ان مقصد لاءِ تجديد جوڳي توانائيءَ جي استعمال کي ٽيڻ تي ڪرڻو پوندو ۽ توانائي جي ڪارڪردگيءَ ۾ ٻيڻ ۽ 2030ع تائين سڀني لاءِ صاف توانائيءَ تائين رسائيءَ لاءِ عالمي معاهدو ڪرڻ گهرجي.
انٽارڪٽيڪا ۽ گرين لينڊ ۾ برف جا تيزي سان پگهرجڻ جا نتيجا تباهه ڪُن هوندا: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا