گڏيل قومون -12 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي، ته رمضان المبارڪ دوران غزه ۾ جنگ بندي کي فوري طور لاڳو ڪيو وڃي. هن رمضان المبارڪ جي شروعات تي چيو ت?? جڏهن رمضان المبارڪ شروع ٿي چڪو آهي، ان باوجود غزه ۾ قتل و غارت، بمباري ۽ رتوڇاڻ جاري آهي. هن اپيل ڪئي ته غزه ۾ جنگ بندي ڪري رمضان المبارڪ جو احترا?? ڪيو وڃي ۽ حياتيون بچائيندڙ امداد جي تيز رفتاري ۽ وڏي پيماني تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڀئي رڪ??وٽون خت?? ڪيون وڃن ۽ سڀني يرغمالين کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. گڏيل قومن جي سربراهه چيو ت?? غزه ۾ جاري تباه ڪن اسرائيلي جنگ ڇهين مهيني ۾ داخل ٿي چڪي آهي. گڏيل قومن جي سربراهه خبردار ڪيو ت?? رفح تي اسرائيلي حملا غزه جي صورتحال کي وڌيڪ خراب ۽ اتي ره??دڙ ماڻهن جي ڏکيائين ۾ اضافو ڪري ره??ا آهن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ت?? هي دنيا ۽ تاريخ ڏسي ره?? آهي. اسان ان تي پنهنجون اکيون بند نه ٿا ڪري سگهون. اسان کي غزه ۾ فوتگين ۾ اضافي کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. فلسطيني شهرين لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي.
رمضان المبارڪ دوران غزه ۾ جنگ بندي ڪئي وڃي: گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اپيل
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada