غزه -20 نومبر (اي پي پي) غزه ۾ اسرائيل جي فوجي ڪارروائين ۾ وڌيڪ 3 صحافي شهيد ٿي ويا آهن، جنهن بعد شهيد ٿيل صحا??ين جو مجموعي انگ 48 ٿي ويو آهي. سعودي نشرياتي اداري مطابق اسرائيل جي فوج جي حملي ۾ صحافي ۽ غيرسرڪاري تنظيم پريس هاس فل??طين جي بورڊ جي سربراه بلال جاد الله شهيد ٿي ويو جڏهن ته اسرائيل جي فوج طرفان مهاجر ڪيمپ تي حملي دوران فري لانس صحافي حسونه سليم ۽ ساري منصور البوريج پڻ حياتي وڃائي ويٺا. نيويارڪ ۾ ??وج??ده ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس (سي پي جي) مطابق 6 هفتن کان جاري ويڙهه ۾ هاڻي تائين 48 صحافي شهيد ٿي چڪا آهن. سي پي جي طرفان جاري فهرست ۾ شامل صحا??ين ۾ رائيٽرز جو صحافي اعصام عبدالله پڻ شامل آهي، جيڪو 13 آڪٽوبر تي اسرائيل جي سرحد ويجهو لبنان ۾ مارجي ويو هو. انگن اکرن مطابق مارجي ويل صحا??ين جي فهرست ۾ 43 فل??طيني، 4 اسرائيلي ۽ هڪ لبناني شامل آهن.
غزه ۾ اسرائيل جي فوج جي ڪارروائين ۾ وڌيڪ 3 صحافي شهيد، انگ 48 ٿي ويو
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز