واشنگٽن-20 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر جو??ائ??ڊن چيو آهي ته اسرائيل ۽ يوڪرين جي جنگين ۾ ڪاميابي آمريڪا جي نيشنل سيڪيورٽي لاءِ تمام اهم آهي. سعودي ميڊيا ذريعن موجب وائيٽ هائوس جي اوول آفيس ۾ خطاب ڪندي آمريڪي صدر ڪانگريس تي اسرائيل ۽ يوڪرين لاءِ اربين ڊالرن جي فوجي امداد منظور ڪرڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته هو ڪانگريس ۾ تقريبن 100 ارب ڊالرن جي فوري امداد جي درخواست منظوري لاءِ موڪليندو جيڪا ايندڙ هڪ سال دو??ان ڏني ويندي، امداد جي هن تجويز ۾ يوڪرين، اسرائيل ۽ تائيوان لاءِ رقم، انساني امداد ۽ بارڊر مينيجمينٽ شامل آهي. جو??ائ??ڊن چيو ته هي هڪ زبردست سيڙپڪاري آهي جيڪا آمريڪا جي ايندڙ نسلن جي سيڪيورٽي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. آمريڪي صدر اميد ظا??ر ڪئي ته انهن سمورن مع??مل?? تي هڪ ئي قانونسازي جو مس??دو تيار ڪرڻ کانپوءِ ڪانگريس کان منظوري لاءِ ضروري سياسي سهڪار پيدا ڪري سگهجي ٿو. صدر ??ائ??ڊن اها تقرير اسرائيل جي دوري کان واپس اچڻ تي ڪئي آهي جنهن ۾ هن حماس خلاف ويڙهه ۾ پنهنجي اتحادي ملڪن جي ڀرپور امداد جو اعلان ۽ يڪهتي جو اظهار ڪيو. وائيس هائوس مان جاري بيان موجب تقرير کان اڳ آمريڪي صدر يوڪرين جي صدر سان ڳالهيون ڪيون ۽ کيس پنهنجي حمايت جي خاطري ڪرائي.
اسرائيل ۽ يوڪرين جنگين ۾ ڪاميابي آمريڪا جي نيشنل سيڪيورٽي لاءِ اهم آهي: جوبائيڊن
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا