اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان معذو?? ماڻهن کي تعليم، روزگار، صحت جي سارسنڀال ۽ عوامي زندگي ۾ برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ بامعنيٰ ق??م کڻي رهيا آهيون، اسان جي حڪومت انهن جامع پاليسين کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ محنت سان ڪم ڪري رهي آهي، جيڪي معذو?? ماڻهن کي بااختيار بڻائين ٿيون ۽ انهن جي لاءِ سماجي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب معذو?? ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ معذو?? ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، هي ڏينهن اسان کي معاشري ۾ معزو?? ماڻهن جي حقن، وقار ۽ انهن جي شموليت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري جي گڏيل عزم جي نشاندهي ڪري ٿو. هن س??ل جي عالمي ڏينهن جو موضوع ”هڪ جامع ۽ پائيدار مستقبل جي لاءِ معذو?? ماڻهن جي قيادت کي وڌائڻ، ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته هڪ وڌيڪ جامع دنيا طرف سفر جي قيادت انهن ماڻهن کي ڪرڻ گهرجي جيڪي انهن جي چئلينجن کي پاڻ سمجهندا هجن. هن چيو ته اسان معذو?? ماڻهن کي تعليم، روزگار، صحت جي سارسنڀال ۽ عوامي زندگي ۾ برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ بامعنيٰ ق??م کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان جي حڪومت انهن جامع پاليسين کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ محنت سان ڪم ڪري رهي آهي جيڪي معذو?? ماڻهن کي بااختيار بڻائين ٿيون ۽ انهن جي لاءِ سماجي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿيون. وزيراعظم چيو ته اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائي رهيا آهيون ته معذو?? ماڻهن جو موقف اسان جي قومي ترقي جي پاليسي ۾ شامل هجي ۽ اسان هڪ اهڙي معاشري جي تعمير ڪريون جيڪو قائدين ۽ تبديلي سازن جي طور تي انهن جي حصيداري کي اهميت ڏيندو هجي، معذو?? ماڻهن جي لاءِ دوستاڻا قانون لاڳو ڪرڻ ان ويزن ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان کي معذو?? ماڻهن جي مدد جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندڙن، انهن جي نگهداشت ڪندڙن، وڪالت ڪندڙ ماڻهن ۽ تنظيمن جي ڪم ۽ انهن جي تعاون کي ساراهڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته آئون س??ڪاري ادارن، ڪاروباري شعبي ۽ سول سوسائٽي تي زور ڏيان ٿو ته اهي معذو?? ماڻهن جي راهه ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ اهڙي ماحول کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن جتي معذو?? ماڻهو اڳواڻ طور پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن، اسان کي اهڙي روين کي چئلينج ڪرڻ جي لاءِ پڻ شعوري ڪوششون ڪرڻ گهرجن جيڪي معذو?? ماڻهن س??ن امتيازي سلوڪ رکن ٿا.
معذور ماڻهن کي تعليم، روزگار، صحت جي سارسنڀال ۽ عوامي زندگي ۾ برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ بامعنيٰ قدم کڻي رهيا آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری