اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول و??ري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان ۾ معيشت جي استحڪام لاءِ پرڏيهي سيڙپڪ??ري ضروري آهي، سعودي سيڙپڪارن جو پاڪستان جو دورو ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، اهڙو اظهار هن پاڪستان سعودي عرب سيڙپڪ??ري فورم 2024ع کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته معيشت جي استحڪام لاءِ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي عرصي وارين حڪمت عملين تي ڪم ڪيو پيو وڃي، جنهن سان ملڪي معيشت ??ي هٿي ملندي. حڪومت ڍانچا جاتي ۽ اقتصادي سڌارن تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن تي عملدرآمد لاءِ قدم به کنيا پيا وڃن. هن چيو ته توانائي جو شعبو تمام گهڻي اهميت رکي ٿو ۽ ان اهم شعبي ۾ سڌارا ج??ري آهن. هن چيو ته زراعت ۾ 5 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هلندڙ سال ڪڻڪ ۽ چانورن سميت وڏن فصلن جي سٺي پيداوار ٿي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ جي کاتن جو توازن سٺو رهيو، ان سان گڏوگڏ ايف بي آر جي اوڳاڙين ۾ هلندڙ سال رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، مهانگائ?? گهٽجي 17 سيڪڙو تائين اچي وئي آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جا شيئرز به وڌي رهيا آهن. هن وزيراعظم شهباز شريف جي عالمي اقتصادي فورم ۾ شرڪت جو حوالو ڏيندي چيو ته سعودي عرب جو اهو هڪ ڪامياب دورو هو، جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي سهڪار جون راهون وڌيڪ کلنديون. گذريل ٻن هفتن ۾ سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ 3 اعليٰ سطحي وفدن جي ڏي وٺ ٿي آهي. هن چيو ته حڪومت هاڻي نجڪ??ري طرف وڌي رهي آهي ۽ پي آءِ اي جي پڻ نجڪ??ري ڪئي ويندي. ان موقعي تي پيٽروليم و??ري وفاقي وزير مصدق ملڪ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان هڪٻئي جي ترقي ۾ شراڪتدار آهن ۽ اڄ سعودي عرب جي سيڙپڪارن ۽ واپارين جو پاڪستان جي معيشت ۾ تمام اهم ڪردار آهي.
معيشت جي استحڪام لاءِ پرڏيهي سيڙپڪاري ضروري آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو