اسلام آباد– 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ??ه اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ وفاق، صوبن ۽ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ملڪي معيشت ۽ عوام جي بهتري لاءِ ڪيل فيصلن ۾ بيوروڪريسي کي رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏينداسين، ورڇ واري سياست جو خاتمو ۽ گڏجي ملڪ کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجن جو مقابلو ڪري ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ اسان جو هدف آهي ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن وفاق، صوبا، پاڪ فوج ۽ سمورا ادارا ان عظيم مش?? جي لاءِ گڏجي ڪم ڪن. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، چئني صوب?? جي وڏن وزيرن، گلگت بلتستا?? جي وڏي وزير، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم، سمورن چيف سيڪريٽريز، آءِ جيز پوليس ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته وفاق ۽ صوبن ۾ نئين حڪومتن کي قائم ٿيندي 24 ڏينهن مڪمل ٿي ويا آهن، هن وقت اسا?? جي سڀ کان وڏي ۽ اهم مصروفيت مختلف چئلينجز کي سمجهڻ ۽ تيز رفتاري سان انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم ۽ پاليسيون ٺاهڻ آهي ته جيئن معيشت کي گڏجي سنڀالي سگهجي. وزيراعظم چيو ته ورڇ واري سياست جو خاتمو ۽ گڏجي ملڪ کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجن جو مقابلو ڪري ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ اسان سڀني جو وڏو هدف آهي ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن وفاق، صوبا، پاڪ فوج ۽ سمورا ادارا ان عظيم مش?? جي لاءِ گڏ ٿي ڪم ڪن. هن چيو ته گذريل 76 سالن ۾ غيرقانوني واپار ۽ اسمگلنگ جي ڪري پاڪستا?? جي معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، 23 – 2022ع ۾ کنڊ جي پيداوار کي سامهون رکي اتحادي حڪومت اڍائي لک ٽن کنڊ جي برآمد جي اجازت ڏني، بعد ۾ ڪاٿي تي نظرثاني کانپوءِ ان تي پابندي هنئي وئي پر ا?? جي باوجود افغانستان کي کنڊ جي اسمگلنگ ٿي، بجلي جي شعبي ۾ 400 کان وٺي 500 ارب رپين تائي?? جي چوري جو اندازو آهي، سسٽم ۽ ٽرانسميشن جا نقصان ان کانسواءِ آهن، پيٽروليم جي شعبي ۾ به چوري ٿي رهي آهي، اهڙي طرح جيتريون اوڳاڙيون اچڻ گهرجن اوتريون اسان کي نه ملي رهيون آهن، اهڙي طرح ڪرپشن ۽ ليڪيجز جي ڪري چار کرب جي لڳ ڀڳ اهي اوڳاڙيون حاصل نه ٿي رهيون آه?? جيڪي ملڻ گهرجن ها. وزيراعظم چيو ته هن وقت 2700 ارب رپي?? جي اوڳاڙين جا ڪيس عدالتن ۾ هلي رهيا آهن، جيڪڏهن ان جو اڌ حصو به اسان کي ملي وڃي ??ه اسپتالون، رستا، نو??ن منصوبا شروع ڪرڻ سان گڏوگڏ قرضن تي دارومدار کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته نگران دور ۾ 58 ارب رپي?? جي بجلي چوري ريڪور ڪئي وئي، اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي سان پڻ بهتري ڏسڻ ۾ آئي، اهو سڀ نظام ۾ بهتري، عزم،. صوب?? جي تعاون ۽ آرمي چيف جي ذاتي عزم ۽ ادار?? جي تعاون س??ن ممڪن ٿيو، پاڪستا?? جي ان خدمت تي اڳوڻي حڪومت ۽ آرمي چيف جا ٿورا مڃون ٿا، جيڪڏهن 9 مهين?? جي مدي ۾ 58 ارب ملي سگهن ٿا ته ڪو سبب نه آهي ??ه اسان باقي رقم حاصل نه ڪري سگهون، ان جو دارومدار اسا?? جي ارادي تي آهي، جيڪڏهن اس??ن مضبوط ارادو ڪري وٺون ته مشڪلاتون ختم ٿي سگهن ٿيون، و??اق، صوبن ۽ سمورن ادار?? جي گڏيل ??مي??اري آهي ته ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍون، وسيلن ۾ اضافو ڪريون ۽ قرضن تي دارومدار کي گهٽ ڪيو وڃي، انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي صنعت ۽ حرفت ۽ زراعت کي فروغ ڏيڻو پوندو، ايس آءِ ايف سي جي پليٽ فارم تان هڪ طريقيڪار جوڙيو ويو آهي، اسان کي ڪرپشن جو 100 سيڪڙو خاتمو ڪرڻو آهي ۽ اها سڀني جي گڏيل ??مي??اري آهي. وزيراعظم چيو ته مسئلن ۽ چئلينجز جو گڏجي مقابلو ڪريون ۽ ڪاميابي حاصل ڪنداسين، ايف بي آر جي 100 سيڪڙو ڊيجيٽلائيزيشن ڪري رهيا آهيون، ايندڙ مهيني کان صلاحڪار?? جي مقرري ٿيندي ۽ اپريل جي وچ ڌاري ٻولي ڏني ويندي، ان عمل کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين جڏهن ته عبوري دور جي لاءِ ايف بي آر ۾ سٺن آفيسرن کي آندو ويندو، خراب ڪارڪردگي رکندڙ آفيسر?? جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ??ه اڳاڙين بابت ٽربيونلز ۾ ڪيترن ئي سالن کان التوا هيٺ ڪيس پيل آهن، اوڳاڙين بابت ڪيس?? جي جيڪڏهن اڌ رقم به اسان کي ملي وڃي ته ملڪ کي قسمت بدلجي سگهي ٿي، حڪومت ٽربيونلز جي سربراهن کي ميرٽ تي مقرر ڪندي، لمز ۽ نسٽ ۾ لکت وارا امتحان ورتا ويندا، زباني انٽرويو جي لاءِ پڻ بهتر طريقيڪار اختيار ڪيو ويندو، هن وقت انهن ڪيس?? جي حوالي سان وڪيل ٻنهي طرفن ک??ن مليل آهن، تاريخ تي تاريخ ڏني پئي وڃي جنهن س??ن ملڪي معيشت کي نقصان ٿي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت ۽ عوام جي بهتري جي لاءِ ڪيل فيصلن ۾ بيوروڪريسي کي رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته بشام دهشتگردي واقعي جي ذريعي ملڪ جي مستقبل ۽ پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، مون گهرو وزير کي ان حوالي سان هدايت ڪئي آهي ۽ کيس چيو آهي ته هو پوري طرح سان ڪم ڪري، صوبن ۾ وڃي ته جيئن گڏيل مشاورت ۽ تعاون س??ن مسئلن ۽ چئلينجز تي ضابطو آڻي سگهجي. وزيراعظم چيو ??ه اسان کي مشڪل حالتون ۽ چئلينجز درپيش آهن پر مون کي پورو يقين آهي ته پاڪستاني قوم محنت آهي ۽ اسان سڀ گڏجي ملڪ کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجن مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.
اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ وفاق، صوبن ۽ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ملڪي معيشت ۽ عوام جي بهتري لاءِ ڪيل فيصلن ۾ بيوروڪريسي کي رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏينداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria