اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي دائري خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، معيشت، ثقافت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ سگهه ڏيڻ تي زور ڏيندي ??يو آهي ته پاڪستان ??ڪ تمام وڏي مارڪيٽ آهي ۽ جاپاني ڪاروباري ادارن کي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري معاشي موقعن مان ??ائدو کڻڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ جاپان جي سفير مٽسوهيرو وا??ا سان ڳالهائيندي ??يو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ڌرين جي گڏيل فائدي جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته جاپان ??اڪستان جو اهم ترقياتي پارٽنر آهي جيڪو جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائيڪا) تحت مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ معاونت ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي آبادي تمام وڌيڪ آهي ۽ هو تربيت يافته ۽ پيشيواراڻي افرادي قوت جي ذريعي جاپان کي انساني وسيلن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ۾ قائم جاپاني آٽو موبائيل ڪمپنين کي پاڪستان ??ان ??نهنجي مصنوعات برآمد ڪرڻ جي لاءِ پيداوار ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جاپاني بئنڪن جي پڻ حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي ته اهي پاڪستان ۾ پنهنجو ڪم شروع ڪن. صدر پاڪستان جي موجوده سماجي ۽ اقتصادي ??ئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان ??وقعي تي جاپاني سفير چيو ته پاڪستان ??ڪ اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ ۽ تمام وڏي آبادي رکندڙ ملڪ آهي ۽ جاپاني ڪمپنيون انهن امڪاني شعبن ۾ دلچسپي رکن ٿيون. هن ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ موجوده ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو. هن ٻڌايو ته جاپان کي پاڪستاني انب جي برآمد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. سفير اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي جاپان جي دوري کي ڪامياب قرار ڏيندي ??يو ته پاڪستان جي نوجوان ??سل ان کي هڪ خوشحال ملڪ بڻائڻ ۾ مضبوط ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. مٽسوهيرو وا??ا آصف زرداري کي ٻيون ڀيرو صدر چونڊجڻ تي گرمجوشي سان ??بارڪباد ڏني ۽ جاپان جي شهنشاهه پاران ??يڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر مبارڪباد تي سفير جا ٿورا مڃيا ۽ جاپان جي شهنشاهه جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن پنهنجي جاپان جي دوري ۽ جاپان جي اڳوڻي شهنشاهه اڪي هيٽو سان ??لاقات کي پڻ ياد ڪيو. هن 2022ع ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جي حمايت تي جاپاني حڪومت جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، معيشت، ثقافت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں