لاهور -23 اپريل (اي پي پي) ايران جي ص??ر ابراهيم ??ئيسي چيو آهي، ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ تاريخي، تهذيبي، مذهبي ۽ ثقافتي رسمن تي ٻڌل گهرا ناتا آهن ۽ ٻئي ملڪ علم ۽ هنر جي جديد مرڪزن ۽ فن جي علم کي هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهن. گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي لاهور جي فيڪلٽي ۽ شاگردن کي خطاب ڪندي ايران جي ص??ر چيو ته قومن جو برادري ۾ نمايان مقام ح??صل ڪرڻ لاءِ علم ۽ هنر، سائ??س ۽ ٽيڪنالاجي تي خاص ڌيان ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جون يونيورسٽيون علم ۽ تحقيق جا مرڪز آهن ۽ تعليم ??ي شعبي ۾ مربوط حڪمت عملي سان بهتر نتيجا ح??صل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته ننڍي کنڊ جي عظيم ??اعر علامه اقبال جي ڪلام کي ايران ۾ خاص پذيرائي ح??صل آهي. ايران جي ص??ر ابراهيمي رئيسي چيو ته فلسطين جي حوالي سان پاڪستان ۽ ايران جو موقف هڪ آهي. ايران جي ص??ر چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ توانائي سوڌو ٻي?? شعبن ۾ سهڪار کي مستقبل ۾ وڌيڪ وڌايو ويندو. هن پاڪستان ۾ پنهنجي دوري دوران مهمان نوازي ۽ خدمت کي پڻ ساراهيو.
قومن کي برادري ۾ نمايان حيثيت حاصل ڪرڻ لاءِ تعليم ۽ هنر، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي خاص ڌيان ڏيڻ وقت جي اهميت ضرورت آهي: ايران جو صدر ابراهيم رئيسي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز