اسلا?? آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس ڪيسز ۾ ڄاڻي واڻي التوا جو نوٽيس وٺندي چيف ڪمشنر ان لينڊ ريونيو اسلا?? آباد ۽ ان سان لا??اپ??ل سمورا آفيسر معطل ڪرڻ ۽ انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيف ڪمشنر ان لينڊ روينيو اسلا?? آباد ۽ ان سان لا??اپ??ل سمورن آفيسرن کي معطل ڪري فوري انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم حڪومت سنڀاليندي ئي ايف بي آر سڌارن جي جلد ۽ فوري لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪندي ذاتي طور تي ان عمل جي نگراني جو فيصلو ڪيو هو. بيان موجب ٽيڪس ٽربيونلز ۾ اهن وقت حڪومت جي سوين ارب رپين جا ڪيسز ٻڌڻي هيٺ آهن، وزيراعظم چيف جسٽس آف پاڪستان کان انهن ڪيسز کي جلد اڪلائڻ جي در??وا??ت ڪئي هئي، تازو ئي اسلا?? آباد ۾ ايف بي آر جي وڪيل پاران عدالت ۾ اهڙي ئي هڪ ڪيس جي تاريخ ۾ دير جي گذارش تي وزيراعظم نوٽيس ورتو. بيان موجب وزيراعظم لا??اپ??ل عملدارن کي فوري طور تي واقعي جي انڪوائري جي هدايت پڻ ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قومي خزاني جي سوين ارب رپيا قانوين تڪرارن جي ڪري ڦاٿل آهن، ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي لاپرواهي ۽ ڪوتاهي قبول نه ڪندس. پنهنجي عوام سان ڪيل وچن تحت ٽيڪس نظام ۾ سڌارن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان. ملڪ ۽ قوم جو هڪ هڪ پئسو بچائڻ ۽ اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي.
وزيراعظم ٽيڪس ڪيسز ۾ ڄاڻي واڻي التوا جو نوٽيس ورتو، چيف ڪمشنر ان لينڊ ريونيو اسلام آباد ۽ ان سان لاڳاپيل سمورا آفيسر معطل ڪري انڪوائري جو حڪم
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش