اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ سيڙڪاري جي لاءِ 7 مفاهمت?? ياداشتن جي منظوري ڏئي ڇڏي جن تي نگران وزيراعظم جي ڪويت جي دوري دوران صحيحون ڪيون وينديون، خوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ڪوششن جي نتيجي ۾ ڪويت پاڪستان ۾ مختلف ش??بن جي انهن 7 منصوبن تي 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ نگران وفاقي ڪابينا جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. ڪابينا پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ 7 مفاهمت?? ياداشتن جي منظوري ڏني جن تي نگران وزيراعظم جي ڪويت جي دوري دوران صحيحون ڪيون ويندي??ن. ??صوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ڪوششن جي نتيجي ۾ ڪويت پاڪستان ۾ مختلف ش??بن جي 7 منصوبن ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي مفاهمت?? ياداشتن تي صحيحون ڪندو. انهن منصوبن ۾ پاڻي ذخيرن جي توسيع، کاڻين جي کوٽائي جي سهولتن، سامونڊي علائقن جي لاءِ تمر جي ٻيلن جي حفاظت ۽ توسيع، آءِ ٽي جي شعبي ۽ خوراڪ جي تحفظ جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري جا منصوبا شامل آهن. نگران وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل ۽ لاڳاپيل وزارتن جي ان حوالي سان ڪوششن کي ساراهيو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته وفاقي سطح تي صحيحون ٿيندڙ انهن مفاهمت?? ياداشتن ۾ صوبن سان تعاون يقيني بڻايو وڃي ته جيئن انهن منصوبن جي تڪميل جلد ۽ شفاف طريقي سان ٿي سگهي. وفاقي ڪابينا 14 نومبر 2023ع تي منعقد ٿيندڙ قانونسازي معاملن (سي سي ايل سي) بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. وفاقي ڪابينا 15 نومبر 2023ع تي منعقد ٿيندڙ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي اجلاس ۾ ٿيندڙ فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي.
وفاقي ڪابينا پاران پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ سيڙڪاري جي لاءِ 7 مفاهمتي ياداشتن جي منظوري
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil