ڪوئيٽا – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بلوچستان جي امن ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ صوبي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لازمي آهي، خصوصي سيڙپڪاري ??هولت ڪائونسل جي قدمن مان ڀرپور انداز ۾ فائدو کڻڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌ??ائ?? موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير سان گڏ ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ بلوچستان جو نگران وڏو وزير علي مردان خان ڊومڪي پڻ موجود هو. ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس دوران شرڪت ڪندڙن کي نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پلان، لاء انفورسمنٽ آپريشن، اسمگلنگ ۽ منشيات جي خلاف بلوچستان ۾ آپريشنز، سي پيڪ ۽ نان سي پيڪ يا پ??ائ??ويٽ منصوبن ۾ ڪم ڪندڙ غيرملڪين جي سيڪيورٽي، غيرقانوني غيرملڪين جي انهن جي پنهنجي وطن واپسي، فارن ڪرنسي کي باقاعده بڻائڻ جي حوالي سان قدمن ۽ بلوچستان ۾ ايس آئي ايف سي جي قدمن تي اڳڀ??ائ?? جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم بلوچستان حڪومت پاران اڳڀ??ائ?? تي اطمينان جو اظهار ڪندي وفاقي حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪ??ائ??. اجلاس دوران نگران وزيراعظم زور ڏنو ته صوبي جي امن ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ بلوچستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لازمي آهي. چيف آف آرمي اسٽاف ان ڳالهه تي روشني وڌي ته فوج قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ٻين سرڪاري ??دارن سان گڏجي غيرقانوني سرگرمين جي خلاف ڪاررواين جي لاءِ پوري ??اقت سان مڪمل تعاون ف??اهم ڪندي ته جيئن وسيلن جي ڦرلٽ ۽ انهن سرگرمين جي ڪري ملڪ کي ٿيندڙ معاشي نقصانن کي روڪي سگهجي. نگران وزيراعظم چيو ته وفاق جي سطح تي ايس آئي ايف سي تحت کنيل قدمن جو هر صوبي جي ماڻهن تي اثر ٿيڻ گهرجي، بلوچستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي ۽ کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبي ۾ ترقي سان علائقي جي ماڻهن جي لاءِ معاشي سرگرمين ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته انساني وسيلن جي ترقي کانسواءِ زراعت ۽ آءِ ٽي ۾ سيڙپڪاري ??ي پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته انهن قدمن مان ڀرپور انداز ۾ فائدو کڻڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي جي ضرورت آهي. شرڪت ڪندڙن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته رياستي ادارا بشمول سرڪاري ??دارا ۽ عوام صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ متحد آهن. ان کان اڳ نگران وزيراعظم ۽ آرمي چيف جو ڪوئيٽا پهچڻ تي بلوچستان جي نگران وڏي وزير ۽ بلوچستان ڪور ڪمانڊر استقبال ڪيو.
بلوچستان جي امن ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ صوبي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لازمي آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي قدمن مان ڀرپور انداز ۾ فائدو کڻڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي جي ضرورت آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ