اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) سڌ سماءَ ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ زندگي معمول موجب آهي، رستا کليل آهن جڏهن ته ڪجهه رستا بند آهن جنهن جي ذميدار تحريڪ انصاف آهي، شهر جو امن بحال رهندو، ڪنهن کي به امن امان خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پي ٽي آءِ جا ماڻهو رضاڪاراڻي طور گرفتاريون ڏئي ر??يا آهن، پي ٽي آءِ باني اين آر او چاهي ٿو، ان کي گهرجي ته هو عدالتن سان رابطو ڪري. وفاقي گادي واري هنڌ جي مختلف علائقن جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وز??ر چيو ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جا رستا کليل آهن،ماڻهن جي اچ وڃ جاري آهي، پر ڪجهه رستا بند آهن، جنهن جي ذميوار پي ٽي آءِ آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جا پنهنجا ماڻهو نٿا چاهين ته سندن اڳواڻ ٻاهر اچي. پنجاب سميت مختلف علائقن مان اطلاع آهن ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو رضاڪاراڻي بنياد تي گرفتاريون ڏئي ر??يا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي نٿا چاهين ته ڏڦيڙ پکيڙيون ۽ اسلام آباد ۾ بنا ڪنهن سبب جي ڌرڻو هڻون. هن چيو ته ڪنهن کي به امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ڏڦيڙ پکيڙيندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو، هن چيو ته ڏڦيڙ پکيڙڻ پي ٽي آءِ جي تاريخ آهي، هن هميشه سرڪاري ملڪيتن ۽ ماڻهن جي جان ۽ مال کي نقصان پهچايو. 2014ع جي ڌرڻي ۾ هنن پي ٽي وي تي حملو ڪيو، پارليامينٽ جو دروازو ٽوڙيو، قبرون کوٽيون، 9 مئي تي حملا ڪيا، شهيدن جي يادگارن کي مٽايو، دفاعي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، اڄ به انهي عمل تي قائم آهن. انهن جي گهر آهي ته اسان سان ڊيل ڪريو، اين آر او ڏيو، اسان جي اڳواڻ کي آزاد ڪريو، پر اهو ڪم حڪومتن جو ناهي، اهو ڪم عدالتن جو آهي، اتي پنهنجو ڪيس وڙهن. هن چيو ته حڪومتي قدمن سان ملڪي ملڪي معيشت صحيح رخ طرف گامزن آهي، پاليسي ر??ٽ ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي اچي ر??ي آهي، بيلاورس جو صدر پاڪستان اچي ر??يو آهي، اڄ بيلاروس جو ڪاروباري وفد پاڪستان پهچي ر??يو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي ملڪي تر??ي هضم نه ٿي ر??ي آهي، ان ڳالهه جي بلڪل اجازت ناهي ته ملڪ جي معيشت کي نقصان پهچايو وڃي. وفاقي وز??ر چيو ته وفاقي گادي واري هنڌ ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ نفري مقرر ڪئي وئي آهي، قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت ڪنهن کي به نه ڏني ويندي، جيڪي به احتجاج لاءِ هتي ايندا اهي گرفتار ٿيندا، جيڪڏهن احتجاج ڪرڻو آهي پنهنجي صوبي ۾ ڪن، هن چيو ته رستا بند ٿيڻ سان واپارين ۽ ڪاروباري ??ري?? جو نقصان ٿئي ٿو ان جي ذميدار تحريڪ انصاف آهي، اها واپاري کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿي. اها چاهي ٿي ته ملڪي معيشت ڊي ر??ل ٿي، سرڪاري معاملا سرانجام نه ڏئي سگهجن. هن چيو ته تحريڪ انصاف ٻڌائي ته هي ڪهڙي عوامي مسئلي تي ٻاهر نڪتي آهي؟ عطاءُ الله تارڙ چيو ته بجلي تي اڳ ئي سبسڊي ڏني وئي آهي، وز??راعظم ونٽر پئڪيج جو اعلان ڪري چڪو آهي، ونٽر پيڪيج سان بجلي جا بل سردين ۾ گهٽ ايندا، مهانگائي گهٽ ٿي ر??ي آهي، عوام کي سهولتون ڏنيون پيون وڃن پر هي زد ۾ آهن ته اسان کي احتجاج ڪرڻو آهي، انهن جو احتجاج ڪنهن شيءَ خلاف ناهي انهن جي صرف اها گهر آهي ته سندن ليڊر کي آزاد ڪريو. هن چيو ته وفاقي گهرو وز??ر امن امان يقيني بڻائڻ جي حوالي سان صورتحال جو مسلسل جائزو وٺي ر??يو آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو پيو وڃي ته وفاقي گادي واري هنڌ ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سٺا هجن. هن چيو ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ امن بحال رهندو جيڪي ماڻهو ڪاهه ڪرڻ اچي ر??يا آهن انهن جي پاڻ ۾ ويڙهه آهي، اهي ڏڦيڙ پکيڙڻ چاهين ٿا، سندن پنهنجي پارٽي ۾ ڏڦيڙ جو شڪار آهي. وفاقي وز??ر چيو ته اسان پرعزم ۽ پراميد آهيون ته حالتون پرامن رهنديون، هن چيو ته پاڪستان جي معيشت ترقي ڪري ر??ي آهي، بيلاروس جي صدر کي ڀليڪار چونداسين، هو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ اچي ر??يو آهي ان جو گرمجوشي سان آڌرڀاءُ ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان ويجهڙ ۾ ئي ايس سي او ڪانفرنس جو بندوبست ڪيو، دوست ملڪ هتي سيڙپڪاري ڪري ر??يا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ هميشه دوست ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هاڻ اسلام آباد ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ اچي ر??ي آهي. هن چيو ته اهي پنهنجي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪن، ڪرم ايجنسي جي ماڻهن جو ڪنهن کي ڪو خيال ناهي، ڪرم ايجنسي ۾ اڄ به مظاهرا ٿي ر??يا آهن، هن چيو ته پي ٽي آءِ جو اسلام آباد ۾ احتجاج جو مقصد ۽ مطالبو ڪهڙو آهي ڪير به نٿو ڄاڻي. هن چيو ته معيشت ترقي ڪندي ر??ندي، معيشت کي ڊيل ريل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو، ان کان اڳ وفاقي وز??ر پاڻ گاڏي هلائي اسلام آباد جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، ان موقعي تي هن پوليس جوانن ۽ آفيسرن سان ملاقات ڪئي، ٻارن ۽ ڪٽنبن سان به مليو.
پي ٽي آءِ جا ماڻهو رضاڪاراڻي طور گرفتاريون ڏئي رهيا آهن، پي ٽي آءِ جو باني اين آر او چاهي ٿو، اسلام آباد ۾ زندگي معمول موجب آهي، رستا کليل آهن: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج